تازه ترين

سنڌ جي نوجوانن لاءِ خوشخبري پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، سنڌ پريميئر ليگ جي اجازت ڏئي ڇڏي

سنڌ جي نوجوانن لاءِ خوشخبري پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، سنڌ پريميئر ليگ جي اجازت ڏئي ڇڏي، اڳوڻي صوبائي وزير ناصر شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ پريميئر ليگ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تحت ڪرائي پئي وڃي ليگ ذريعي نه رڳو ٽيلينٽ پر سنڌ جي ثقافت کي به نمايان انداز ۾ اجاگر ڪيو ويندو.

اڳوڻي صوبائي وزير ناصر شاهه، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين ذڪاءَ اشرف سان ملاقات ڪئي جنهن دوران سنڌ پريميئر ليگ لاءِ اين او سي جاري ڪئي وئي.

ملاقات ۾ ايس پي ايل صدر عارف ملڪ، پي سي بي جي ڊائريڪٽر ڊوميسٽڪ نديم خان ۽ پي سي بي جا ٻيا عهديدار به موجود هئا.

ان موقعي تي اڳوڻي صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته سنڌ پريميئر ليگ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تحت ڪرائي پئي وڃي، ليگ ذريعي نه رڳو سنڌ جي ڪرڪيٽ ٽيلينٽ پر ثفاقت کي به ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪيو ويندو ته جيئن رڳو سنڌ نه پر ملڪ جي خوبصورتي ۽ ڪلچر کي ڀرپور انداز ۾ دنيا سامهون پيش ڪري سگهجي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين ذڪا اشرف چيو ته ايس پي ايل جي ڪاميابي سان يقيني طور تي سنڌ جي راندين جي تاريخ ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ٿيندو، پي سي بي مستقبل ۾ به هن ليگ جي ڪاميابيءَ لاءِ هر ممڪن ڪردار ادا ڪندي رهندي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
33 %
2kmh
0 %
آچر
26 °
سُومر
26 °
اڱارو
24 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون