تازه ترين

سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر  جي هدايت تي آبپاشي کاتي ۾ بدلين ۽ مقررين جا آرڊر معطل

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر  جي هدايت تي آبپاشي کاتي ۾ بدلين ۽ مقررين جا آرڊر معطل ڪيا ويا آهن.

وزيراعليٰ جي ترجمان موجب آبپاشي کاتي ۾ 21 آگسٽ تي جاري ٿيل حڪمنامو معطل ڪري جاتي ڊرينج سب ڊويزن ۾ اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر جيٺانَند کان ايگزيڪٽو انجنيئر جي چارج واپس ورتي وئي آهي.

نگران وزيراعليٰ جي ترجمان موجب اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ڪانتيش کي گوني ڪئنال بدين جي ڏنل ايگزيڪيوٽو چارچ به واپس ورتي وئي.

ترجمان موجب عمرڪوٽ سب ڊويزن جي ذوالفقار کوسي کي ايگزيڪيوٽو انجنيئر ٿرپارڪر ڊويزن جي چارج ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر بل رام کي ڊپٽي ڊائريڪٽر فلڊ پروجيڪٽ ڪراچي جي چارج جو آرڊر به معطل ڪيو ويو.

وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان موجب خيرالدين عباسي کي ايگزيڪيوٽو انجنيئر ٽيوب ويل  هالا جي ڏنل چارج جو آرڊر رد ڪيو ويو ۽ عارف ميمڻ کي ايگزيڪيوٽو انجنيئر نصير ڊويزن حيدرآباد جي چارج واپس ورتي وئي آهي.

نگران وزيراعليٰ جي ترجمان موجب موتيو خان اوٺو کي لوئر پڃاري ڊويزن سجاول ۽ وجي ڪمار کي ايگزيڪيوٽو انجنيئر سدرن ڊويزن دادو جي ڏنل چارچ جو آرڊر معطل ڪيو ويو آهي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
31 ° C
31 °
31 °
26 %
0.6kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
32 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون