تازه ترين

سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز ڪراچي پوليس آفيس جو دورو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز ڪراچي پوليس آفيس جو دورو ڪيو.

ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم حسين رند ۽  سينيئر پوليس آفيسر نگران گهرو وزير کي ڀليڪار ڪيو ۽ پوليس جي دستي کيس سلامي پيش ڪي.

نگران گهرو وزير جي سربراهيءَ ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊي آءِ جي ايڊمن، ايِ ڊي آءِ جي ايڊمن اينڊ آپريشنز، ڊي آءِ جي سي آءِ اي، ڊي آءِ جي سڪيورٽي، زونل آءِ جيز، ايس ايس پيز شرڪت ڪئي.

گڏجاڻي دوران ڪراچي پوليس چيف، نگران گهرو وزير کي شهر ۾ امن امان بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.

شهرين جي جان توڙي مال جي تحفظ لاءِ کنيل قدمن ۽ پوليس سڪيورٽي پلان تي عمل بابت جائزو پڻ پيش ڪيو ويو.

اجلاس ۾ شهرن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم، لينڊ گريبنگ، منشيات، سمگلنگ، ٽريفڪ ۽ ٻين معاملن جو به تفصيلي جائزو ورتو ويو.

نگران گهرو وزير امن امان قائم ڪرڻ  لاءِ سخت قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو.

اجلاس جي پڄاڻيءَ تي پوليس چيف نگران گهرو وزير کي تحفا ۽ شيلڊ پيش ڪئي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
28.1 ° C
28.1 °
28.1 °
34 %
4.7kmh
41 %
آچر
27 °
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون