تازه ترين

اسلام امن جو  مذهب آهي ان ۾ انتهاپسندي جي ڪا به جاءِ ناهي: آرمي چيف جنرل عاصم منير

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته اسلام امن جو  مذهب آهي، ان ۾ انتهاپسندي جي ڪا به جاءِ ناهي، مهذب معاشري ۾ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير سان چرچ آف پاڪستان ۽ بشپ آف رائيونڊ جي ناظم ۽ صدر ڊاڪٽر آزاد مارشل جي سربراهيءَ ۾ مسيحي برادريءَ جي 13 رڪني وفد جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي.

ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي ۽ مذهبي ڀائيچاري سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آرمي چيف قومي ترقي ۾ مسيحي برادريءَ جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.

جنرل عاصم منير قائداعظم جي متحد ۽ ترقي پسند پاڪستان جي حقيقي ويزن تي عمل ڪرڻ لاءِ معاشري ۾ بين المذاهب ڀائيچاري کي هٿ ڏيڻ تي زور ڀريو.

سندس چوڻ هو ته اسلام امن جو مذهب آهي، ان ۾ انتهاپسندي لاءِ ڪا به جاءِ ناهي، مهذب معاشري ۾ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي.

مسيحي برادريءَ،  دهشتگردي کي منهن ڏيڻ ۽ ملڪ ۾ اقليتن کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ ۾ پاڪ فوج جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.9 ° C
29.9 °
29.9 °
30 %
7.7kmh
23 %
آچر
29 °
سُومر
34 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون