تازه ترين

سنڌ جي وڏي وزير جي تبديلي سندن اندروني مامرو آھي، باقي ڪرپشن ته ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي : مرتضيٰ جتوئي

- Advertisement -
اين پي پي سربراهه مرتضيٰ جتوئي چيو آهي ته بجيٽ ۾ دفاع لاءِ پئسا ته رکيا ويا پر اهو سمجهي ٿو ته فيصل واوڊا وڌيڪ  باخبر آھي، جولائي تائين مسئلا حل ٿي ويا ته ٺيڪ نه ته فيصل واوڊا موجب ته اهو آگسٽ ۾ ٻيو ڪجهه ڏسي پيو . نوشهروفيروز جي عدالت ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته  سياسي صورتحال اتي ئي بيٺل آهي، جيڪي شيون ٿيڻيون هيون اهي نه ٿي سگهيون. غلام مرتضيٰ جتوئي وڌايل پگهارن بابت چيو ته پيپلز پارٽي هميشه تضاد جو شڪار رهي آھي، وفاق کان پگهارن ۾ 50 سيڪڙو واڌ جو مطالبو ڪيو، ته پاڻ صوبي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 25 سيڪڙو ته پگهار وڌاين ها. سندس چوڻ هو ته سياست زباني ڪلامي هوندي عملي  طور تي ٻي هوندي آھي . هن چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير سفارتي سطح تي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن لاءِ وڏي ڪوشش ڪئي آھي، لڳي ٿو ته مامرا حل طرف وڃي رهيا آھن. سندس چوڻ هو ته اهو سڀني لاءِ بهتر آهي پر سمورو ڪريڊٽ فيلڊ مارشل ڏانهن وڃي ٿو . صحافين خلاف پوليس ڪاروائي بابت غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته هن اڳ ئي چيو هو ته سنڌ جو عوام همت ڪري جان ڇڏائي، ٻي صورت ۾ حالتون ساڳيون رهنديون . هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جي تبديلي سندن اندروني مامرو آھي، باقي ڪرپشن ته ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. ايم پي اي ممتاز چانڊيو پاران اسيمبلي ۾ متاثرن جا گهر ٺاهڻ بعد انهن تي پ پ جا جهنڊا لڳائڻ جو جواب ڏيندي غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته ممتاز چانڊيو کي خوف آھي ته متان ماڻھن کان پ پ جو جهنڊو وسري وڃي عوام کي ياد رهندي ته اڃا پ پ آھي. ان کان اڳ عدالت جتوئي ڀائرن جي اٺن ڪيسن جي ٻڌڻي 27 جولاءِ تائين ملتوي  ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
20.1 ° C
20.1 °
20.1 °
55 %
4kmh
100 %
سُومر
23 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون