تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي وڏي وزير سمورن کاتن کي ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جو وڏو منصوبو ڪي فور رٿا ايندڙ سال ڊسمبر تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سمورن کاتن کي ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جو وڏو منصوبو ڪي فور رٿا ايندڙ سال ڊسمبر تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪي فور منصوبي ۾ واڌ بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾  صوبائي وزير ناصر شاهه، سعيد غني، ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سمورن کاتن کي هدايت ڪئي ته ڪي فور رٿا ايندڙ سال ڊسمبر تائين مڪمل ڪئي وڃي. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته اڄ هن سمورن کاتن جي وزيرن ۽ سيڪريٽريز کي ان لاءِ گهرايو ته فيصلي تي بروقت عمل ٿئي، ڊبليو ايس ايس آءِ پي هڪ ڏهائي 6 بلين ڊالر جو منصوبو آهي، ڪي فور ۾ واڌ ۽ ان سان لاڳاپيل ڪم ڊبليو ايس ايس آءِ پي جو حصو آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پراجيڪٽ ۾ موجوده فلٽريشن پلانٽس کانسواءِ ڊبليو ايس ايس آءِ پي تحت هڪ نئون فلٽريشن پلانٽ به لڳايو وڃي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته عزيز ڀٽي پارڪ کان حسن اسڪوائر تائين ڪي فور جي پائپ لائن وڇائي وڃي، بي آر ڊي ريڊ لائن جو ڪم جاري آهي ته ڪي فور جي لائن به وڇائڻ گهرجي، ڪي فور منصوبي جي پاڻي جي شهر ۾ جلد ورهاست شروع ڪئي وڃي. هن چيو ته ريزر وائر ون کان وائي جنگشن تائين، ريزر وائر ٽو کان وفاقي يونيورسٽي تائين، وفاقي يونيورسٽي کان گلبائي تائين، ريزر وائر ٿري کان بنارس تائين پائپ لائن وڇائڻي آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪاغذ ڪارروائي مڪمل ڪري ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وڏي وزير مراد علي شاهه ڪي بي فيڊر جي لائننگ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪي بي فيڊر جي لائننگ جو پراجيڪٽ 19 بلين رپين جو آهي، فنڊز جو بندوبست ڪن ٿا، اوهان ڪم جي تياري ڪريو. وڏي وزير مراد علي شاهه توانائي واري وزير کي هدايت ڪئي ته ڪي فور لاءِ 132 ڪي وي گرڊ اسٽيشن جو ٽينڊر جاري ڪيو وڃي، 30 ڪلو ميٽر ٽرانسميشن لائن لڳائڻ لاءِ به ٽينڊر جاري ڪيو وڃي. توانائي واري وزير آگاهي ڏيندي چيو ته گرڊ اسٽيشن قائم ڪرڻ لاءِ 6 ايڪڙ زمين حاصل ڪئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
12 %
0.4kmh
3 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون