- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايران ۾ حادثي ۾ پاڪستاني پانڌيئڙن جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو.
وڏي وزير جو چوڻ آهي ته ايران ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ ٿيل جاني نقصان تي انتهائي افسوس ٿيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ايران روڊ حادثي ۾ شهيد ماڻهن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيان ٿو.
وڏي وزير کي آگاهه ڏني وئي ته پانڌيئڙن جي بس کي ايران جي شهر يزد ۾ حادثو پيش آيو.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ، صوبائي وزير ناصر شاهه کي متاثر خاندانن جي مدد ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وڏي وزير مراد علي شاهه صوبائي وزير ناصر شاهه کي هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ ايران جي قونصل جنرل سان رابطو ڪري حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جا لاش آڻڻ جا انتظام ڪيا وڃن.
- Advertisement -
