تازه ترين
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي فلسطيني رياست جي قيام ۽ اسرائيل کان والاريل فلسطيني علائقن مان نڪرڻ جو مطا... وزيراعظم شهباز شريف جي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان رياض ۾ ون واٽر سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاق... وزيراعظم شهباز شريف فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون سان ملاقات ڪئي وچ اوڀر جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳڻتي آهي، اسرائيل خطي جي سلامتي ۽ سڪيورٽي داءَ تي لڳائي ڇڏي:اسحاق ڊ... ڏکڻ ڪوريا جي صدر ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏيو ميرپورخاص جي عدالت ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو لاش ساڙڻ واري ڪيس ۾ ٻن مک جوابدارن جون ضمانتون رد پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو سلسلو برقرار، هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 4 هزار 225 پوائنٽس جي حد پار ڪري ... شدت پسندي ۽ انتهاپسندي پي ٽي آءِ جي عادت رهي آهي: ناصر شاهه ڪي اليڪٽرڪ بجليءَ جا بل ادا نه ڪرڻ تي پاڪستان ريلوي جي بجلي ڪٽڻ شروع ڪري ڇڏي هڪ بهتر پاڪستان جي تعمير ۾ معذور ماڻهن جي ڪردار ۽ انهن جي خدمتن کي تسليم ڪيو وڃي : بلاول ڀٽو زرداري

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر شيخ ملاقات

سنڌ ۽ وفاقي سرڪار طرفان ڪيٽي بندر تي پورٽ ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪي ٽي بندر تي پورٽ ٺاهڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، وفاقي وزير قيصر شيخ چيو ته سنڌ ۽ وفاقي حڪومتون گڏجي ڪيٽي بندر تي پورٽ ٺاهي سگهن ٿيون.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر شيخ ملاقات ڪئي.

ملاقات ۾ وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ ۽ قاسم پورٽ جو چيئرمين ريئر ايڊمرل ناصر شاهه به موجود هئا.

سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان موجب ملاقات ۾ ماهيگيرن جي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته وڏا ڄار ڇڪيندڙ ٻيڙين سبب مڇين جي نسل کي نقصان پهتو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائڻ جو منصوبو ايڊوانس اسٽيج تي آهي، گندو پاڻي ٽريٽ ڪري صنعتن کي فراهم ڪيو ويندو.

وڏي وزير جو چوڻ هو ته ڪمبائينڊ افيولينٽ ٽريٽمينٽ لاءِ وفاقي حڪومت اڳيان اچي.

سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر شيخ جو چوڻ هو ته عالمي معاهدي تحت سيوريج ٽريٽمينٽ ضروري آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته کين سامونڊي گدلاڻ جي خاتمي لاءِ گڏيل قدم کڻڻا پوندا.

وزير قيصر شيخ جو چوڻ هو ته سامونڊي گدلاڻ لاءِ وفاقي حڪومت قدم کڻي رهي آهي.

سنڌ ۽ وفاقي سرڪار طرفان ڪيٽي بندر تي پورٽ ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪي ٽي بندر تي پورٽ ٺاهڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.

قيصر شيخ چيو ته سنڌ ۽ وفاقي حڪومتون گڏجي ڪيٽي بندر تي پورٽ ٺاهي سگهن ٿيون

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
120,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
12 ° C
12 °
12 °
29 %
1.5kmh
0 %
اربع
15 °
خميس
15 °
جمعو
14 °
ڇنڇر
14 °
آچر
11 °

تازه ترين خبرون