تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر شيخ ملاقات

- Advertisement -
سنڌ ۽ وفاقي سرڪار طرفان ڪيٽي بندر تي پورٽ ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪي ٽي بندر تي پورٽ ٺاهڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، وفاقي وزير قيصر شيخ چيو ته سنڌ ۽ وفاقي حڪومتون گڏجي ڪيٽي بندر تي پورٽ ٺاهي سگهن ٿيون. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر شيخ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ ۽ قاسم پورٽ جو چيئرمين ريئر ايڊمرل ناصر شاهه به موجود هئا. سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان موجب ملاقات ۾ ماهيگيرن جي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته وڏا ڄار ڇڪيندڙ ٻيڙين سبب مڇين جي نسل کي نقصان پهتو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائڻ جو منصوبو ايڊوانس اسٽيج تي آهي، گندو پاڻي ٽريٽ ڪري صنعتن کي فراهم ڪيو ويندو. وڏي وزير جو چوڻ هو ته ڪمبائينڊ افيولينٽ ٽريٽمينٽ لاءِ وفاقي حڪومت اڳيان اچي. سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر شيخ جو چوڻ هو ته عالمي معاهدي تحت سيوريج ٽريٽمينٽ ضروري آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته کين سامونڊي گدلاڻ جي خاتمي لاءِ گڏيل قدم کڻڻا پوندا. وزير قيصر شيخ جو چوڻ هو ته سامونڊي گدلاڻ لاءِ وفاقي حڪومت قدم کڻي رهي آهي. سنڌ ۽ وفاقي سرڪار طرفان ڪيٽي بندر تي پورٽ ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪي ٽي بندر تي پورٽ ٺاهڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. قيصر شيخ چيو ته سنڌ ۽ وفاقي حڪومتون گڏجي ڪيٽي بندر تي پورٽ ٺاهي سگهن ٿيون
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.2 ° C
22.2 °
22.2 °
24 %
2.7kmh
0 %
اربع
22 °
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون