تازه ترين

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان جناح اسپتال جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر پروفيسر شاهد رسول سان ملاقات

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان جناح اسپتال جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر پروفيسر شاهد رسول ملاقات ڪئي آهي.

وزيراعليٰ جي ترجمان موجب، ملاقات ۾ جناح اسپتال جي خدمتن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ بابت ڳالهيون ڪيون ويون، جڏهن ته وڏي وزير جي پي ايم سي کي هڪ بهترين ادارو بڻائڻ لاءِ ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر کي ضروري هدايتون ڏنيون.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته جناح اسپتال ۾ مريضن جي انگ ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي، مريضن جي انگ کي نظر ۾ رکندي اسپتال ۾ سروسز به وڌائڻي پوندي.

پروفيسر شاهد رسول، وڏي وزير کي جي پي ايم سي کي وسيع ڪرڻ بابت بريفنگ ڏني.

وڏي وزير مراد علي شاهه پي جيز جون جي پي ايم سي لاءِ وڌيڪ 200 سيٽون وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هاڻي جي پي ايم سي ۾ پي جيز جون سيٽون 953 ٿي وينديون.

وڏي وزير مراد علي شاهه جي پي ايم سي ۾ پارڪنگ پلازه ٺاهڻ لاءِ پروفيسر شاهد رسول کي هدايت ڪئي.

وڏي وزير جو چوڻ آهي ته هو چاهي ٿو ته جي ايم سي ۾ سينٽرل ويئر هائوس هئڻ گهرجي.

وڏي وزير مراد علي شاهه، جي پي ايم سي ۾ ويئر هائوس قائم ڪرڻ جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر کي هدايت ڪئي.

وڏي وزير چيو ته نئين بجيٽ ۾ جي پي ايم سي جي بجيٽ 22 سئو بسترن جي مناسب سان وڌائي ويندي، جي پي ايم سي ۾ 16 سئو بيڊ هئا جيڪي هاڻي وڌي 22 ٿي ويا آهن.

وڏي وزير مراد علي شاهه جي پي ايم سي ايڊمنسٽريشن بلاڪ کي اپگريڊ ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته جي پي ايم سي جي بجيٽ بهتر آهي.

وڏي وزير، جي پي ايم سي جي ايمرجنسي کي وسيع ڪرڻ جي پروفيسر شاهد رسول کي هدايت ڪئي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
26 ° C
26 °
26 °
50 %
3.6kmh
99 %
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
30 °
اربع
27 °

تازه ترين خبرون