تازه ترين

وفاقي سرڪار ڪڻڪ خريداري نه ٿيڻ جو ذميوار صوبن کي قرار

- Advertisement -
وفاقي سرڪار ڪڻڪ خريداري نه ٿيڻ جو ذميوار صوبن کي قرار ڏئي  ڇڏيو، راڻا تنوير احمد جو چوڻ آهي ته صوبائي حڪومتون ڪڻڪ خريد نه ڪري رهيون آهن، پاسڪو  طرفان ڪڻڪ جي خريداري ڪئي پئي وڃي، وزيراعظم شهباز شريف ڪڻڪ جي خريداريءَ جو ميڪنزم بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي،  ڪڻڪ جي خريداري ۽ بارداڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي، حڪومت ٽارگيٽ پورو ڪرڻ لاءِ ڪڻڪ  جو هڪ هڪ داڻو خريد ڪندي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير راڻا تنوير احمد چيو ته  پاسڪو طرفان آبادگارن کان ڪڻڪ خريد ڪئي پئي وڃي، صوبا ڪڻڪ جي خريداري نه ڪري رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم شهباز  شريف ڪڻڪ جي خريداري جو ميڪنزم بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته خاص ٽيمون ڪڻڪ جي خريداري ۽ بارداڻي جي فراهمي جي نگراني ڪري رهيون آهن. وفاقي وزير راڻا تنوير احمد چيو ته بارداڻي جي فراهمي لاءِ آن لائن رجسٽريشن شروع ڪئي وئي آهي. هن چيو ته زراعت معيشيت لاءِ ڪرنگهي جي هڏي برابر آهي،
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.3 ° C
26.3 °
26.3 °
41 %
5.1kmh
0 %
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °
اربع
33 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون