- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه معاشي ترقيءَ جو ٽارگيٽ حاصل نه ڪرڻ جو اعتراف ڪندي بجيٽ ۾ ڪا به نئين اسڪيم شامل نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، سندس چوڻ آهي ته بجيٽ ۾ برساتي ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ قدم کنيا ويا آهن، وزيراعظم شهباز شريف برساتي ٻوڏ متاثرن لاءِ رقم ڏيڻ جو واعدو ڪيو پر عمل نه ٿي سگهيو آهي، ترقياتي ٽارگيٽ ضرور حاصل ڪيا ويندا، جي ڊي پي بابت وفاقي سرڪار سان ڀرپور سهڪار ڪيو ويندو، نگران حڪومت جي دور ۾ ترقياتي ڪمن جي رفتار سست ٿي، سنڌ کي به ملڪ جو حصو سمجهڻ گهرجي ها، پ پ کي عوامي خدمت جي بدلي ووٽ ملندا آهن، بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي سولر ذريعي مفت بجلي ڏيڻ لاءِ رقم رکي وئي آهي، هر پنجن سالن کانپوءِ نئون اين ايف سي ايوارڊ اچڻ گهرجي.
ڪراچي ۾ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ قدرتي آفتن تباهي مچائي، برساتي ۽ ٻوڏ سبب صوبي کي نقصان پهتو آهي.
هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري برساتي ٻوڏ متاثرن لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، سنڌ ۽ وفاقي سرڪار متاثرن لاءِ 100 ارب رپيه مخصوص ڪيا.
سندس چوڻ هو ته سنڌ سرڪار برساتي ٻوڏ متاثرن تي 25 ارب رپيه خرچ ڪيا پر وفاقي سرڪار سندن ڪنهن به قسم جي مدد نه ڪئي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هلندڙ سال وفاقي سرڪار برساتي ٻوڏ متاثرن لاءِ 25 ارب رپيه رکيا آهن، وزيراعظم شهباز شريف برساتي ٻوڏ متاثرن لاءِ رقم ڏيڻ جو واعدو ڪيو پر عمل نه ٿي سگهيو آهي.
هن چيو ته ڪي فور منصوبو ڪينجهر کان ڪراچي لاءِ پاڻي فراهم ڪرڻ جو منصوبو آهي، 170 ارب رپيه سنڌ سرڪار وٽ موجود آهن پر ايڪنڪ منظوري نه ڏني آهي.
سندس چوڻ هو ته ايڪنڪ ڪالهه ٺهي آهي ۽ وفاقي سرڪار هڪ هفتي ۾ رقم ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ترقياتي بجيٽ ۾ هڪ هزار ارب رپيه رکيا ويا آهن، مهانگائي سبب اگهن ۾ اضافو ٿيو تنهن ڪري ڪاٿو وڌي سگهي ٿو.
هن چيو ته سنڌ سرڪار جي ملازمن جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 37 هزار رپيه هوندي، گريڊ هڪ کان 6 تائين 30 سيڪڙو، گريڊ ستين کان 16 هين تائين 25 سيڪڙو ۽ گريڊ 17 کان 22 تائين 22 سيڪڙو پگهارن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته نگران حڪومت سنڌ سرڪار جون اسڪيمون بند ڪيون، وفاقي سرڪار سندن اسڪيمون ختم ڪيون، وفاق کي سنڌ پاڪستان جو حصو سمجهي اسڪيمون ڏيڻ گهرجن.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي ترقياتي بجيٽ ٻين صوبن کان وڌيڪ آهي.
هن چيو ته ٿر ڪول مان 35 سئو ميگا واٽ بجلي فيصل آباد کي ڏني پئي وڃي، پ پ حڪومت ٿر ۾ هوائي اڏو قائم ڪيو، ڪنهن صوبائي حڪومت ڪٿي به ايئرپورٽ نه ٺاهي آهي.
سندس چوڻ هو ته آئين تحت هر سال نئون اين ايف سي ايوارڊ اچڻ گهرجي، هو وفاقي سرڪار جي حمايت ڪن ٿا پر پ پ مسلم ليگ نه حڪومت جي اتحاد ناهي.- Advertisement -
