تازه ترين

روھڙي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت چويهھ هزار هڪ سئو ٻيانوي مستحق عورتن جي قسط جاري

- Advertisement -
روھڙي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت چويهھ هزار هڪ سئو ٻيانوي مستحق عورتن جي قسط جاري ڪئي وئي. بينظير انڪم سپورٽ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سيد فرقان علي شاھه جو چوڻ هو ته روهڙي ۾ بي آءِ ايس پي جا چار سينٽر قائم ڪيا ويا آهن، جتان آساني سان مستحق عورتون پنهنجي رقم ڪڍرائي سگهن ٿيون. سندس چوڻ هو ته عورتن جي سهولت لاءِ پهريان قومي سڃاڻپ ڪارڊ اسڪيننگ ڪيو ٿو وڃي، جنهن بعد ٽوڪن ڏئي مستحق عورتن کي پنهنجي نمبر سان پئسا ڏنا ٿا وڃن جنهن سان افراتفري وارو ماحول ختم ٿي ويو آهي. بينظير انڪم سپورٽ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽرجو وڌيڪ چوڻ هو ته  ڪنهن به ڊوائيز هولڊر  کي اختيار ناهي ته هو غريب عورتن جي پئسن مان ڪٽوتي ڪري ، جيڪڏهن ته اھڙي حرڪت ڪنهن ڪئي ته ان کي جيل اماڻيو ويندو. سيد فرقان علي شاھ جو وڌيڪ چوڻ هو ته  وڏي عمر جي عورتن جي بائيو ميٽرڪ ۾ ڪجھه ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن، پر ويريفڪيشن ڪرڻ بعد سڀني کي پنهنجا پئسا ملي رهيا آهن. هن چيو ته  سنڌ جي ٻين علائقن کان روھڙي ۾ ڊوائيز ھلائيندڙن جون شڪايتون گهٽ مليون آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
29.5 ° C
29.5 °
29.5 °
24 %
6.8kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
33 °
اڱارو
30 °
اربع
31 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون