- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وفاقي توانائي واري وزير اويس لغاري سان ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران وڏي وزير سنڌ ۾ غير اعلانيل لوڊ شيڊنگ جو معاملو اٿاريو.
ملاقات دوران مراد علي شاهه پاران حيسڪو ۽ سيپڪو جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي جو اظهار پڻ ڪيو ويو.
وڏي وزير چيو ته لوڊ شيڊنگ سبب غريب عوام پريشان آهي، عوام کي حيسڪو ۽ سيپڪو جي ناهلي تي نه ڇڏڻ گهرجي.
اجلاس ۾ وفاقي وزارت لائن لاسز ۽ نان پيمنٽ جو مسئلو اٿاريو هو.
وڏي وزير چيو ته ، صوبائي حڪومت، وفاق سان هر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته صوبائي ۽ ضلعي سطح تي ڪاميٽيون ٺاهيون وڃن، جنهن سان واپڊا ۽ ڪنزيومر جي مسئلن جي حل ۾ مدد ملندي.
ملاقات ۾ سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ ۽ صوبائي توانائي واري وزير سيد ناصر شاهه پڻ شرڪت ڪئي….- Advertisement -
