سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ٺٽي ۾ لمس جي انٽرنيشنل ميڊيڪل اينڊ ٽيڪنالاجي ڪاليج جو افتتاح ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته صوبي ۾ جديد عالمي ميڊيڪل اينڊ ٽيڪنالاجي ڪاليج جو افتتاح ڪيو ويو آهي، ڪاليج قائم ڪرڻ تعليم ۽ صحت جو نظام بهتر ڪرڻ جي سندن ڪوششن جي اهم ڪاميابي آهي، برطانيه جهڙن ترقي ڪندڙ ملڪن جي معيشيت جو دارومدار بهتر تعليمي ادارن تي آهي، هي ادار نه رڳو سنڌ پر خطي جي معاشي ترقي ۾اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
وڏو وزير مراد علي شاهه ٺٽي ۾ لياقت يونيورسٽي جي ڪاليج پهچي ويو.
ايم پي اي علي حسن زرداري، رياض شاهه شيرازي، خاص مددگار صادق ميمڻ، ڪمشنر حيدرآباد، وائيس ڪانسلر پروفيسر اڪرام ۽ ٻين وڏي وزير جو آڌرڀاءُ ڪيو.
وڏي وزير مراد علي شاهه انٽرنيشنل ميڊيڪل اينڊ ٽيڪنالاجي ڪاليج جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته صوبي ۾ جديد عالمي ميڊيڪل اينڊ ٽيڪنالاجي ڪاليج جو افتتاح ڪيو ويو آهي، ڪاليج قائم ڪرڻ تعليم ۽ صحت جو نظام بهتر ڪرڻ جي سندن ڪوششن جي اهم ڪاميابي آهي.
سندس چوڻ هو ته عالمي ڪاليج جو تصور معيشيت تي ٻڌل عالمي اقتصادي ترقي موجب آهي، برطانيه جهڙن ترقي ڪندڙ ملڪن جي معيشيت جو دارومدار بهتر تعليمي ادارن تي آهي، هي ادار نه رڳو سنڌ پر خطي جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سندن مشن ڊاڪٽرز، نرسز ۽ عملي سميت قابل ۽ هنر مند ماڻهن کي تيار ڪرڻ آهي، انسٽيٽيوٽ مان نڪرندڙ مقامي ۽ عالمي گريجوئيٽس جاب مارڪيٽ ۾ صوبي جو نالو روشن ڪندا، وي سي لمس ۽ منصوبي جي ٻين ماڻهن جي محنت ساراهه جوڳي آهي.
هن چيو ته انسٽيٽيوٽ طبي سائنس ۾ بهترين ماڻهو پيدا ڪندو، اميد آهي لمس ادارو دنيا ۾ سندن خطي جي ساک کي به بلند ڪندو، لمس جي هن ڪاليج ۾ پنجن سالن جو ڊگري پروگرام شروع ڪيو ويندو، پنجن سالن جي ڊگري پروگرام ۾ ايم بي بي ايس، ڊاڪٽر آف فزيو ٿراپي ۽ ڊاڪٽر آف فارميسي شامل آهن.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ٺٽي ۾ لمس جي ڪاليج ۾ چئن سالن ۾ بيچلرز ڊگري به ڪرائي ويندي، جنهن ۾ بي ايس ريڊيو لاجيڪل ٽيڪنالاجي، بي ايس ميڊيڪل ليبارٽي ٽيڪنالاجي، بي ايس فارنزڪ سائنس ان فارنزڪ بايولاجي ۽ ٻيا پروگرام شامل آهن.
سندس چوڻ هو ته هڪ سال جو ڊپلومه پروگرام ۾ سي ٽي، ايم آر آءِ ٽيڪنالاجي، بلڊ بينڪنگ اينڊ ٽرانسفيوزن شامل آهن.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هي ڪاليج ٺٽي، سجاول ۽ ٽنڊي محمد خان جي ٻارن لاءِ تعليم جا نوان شعبا متعارف ڪرائيندو، لاڙ جي علائقن جا ٻار تعليم حاصل ڪري باوقار روزگار حاصل ڪري سگهندا.