تازه ترين

سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو:سيد زين شاهه

ايس يو پي جي  صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري ڪوشش ڪامياب نه ٿيڻ نه ڏيندا.

اسلام آباد ۾ سنڌ يونائيٽيڊ ٿنڪرز فورم طرفان سنڌو درياهه جي بقا کي خطرن ۽ چئلينجن جي عنوان هيٺ سيمينار ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ ناليواري دانشورن، اديبن، محققن، قومپرست اڳواڻن حسين بخش ٿيٻي، جڳديش آهوجا، قاسم ميرجت، مختيار ميمڻ، منير نائچ، فضل الله قريشي، ڪامريڊ حسين بخش، گلشن لغاري، ڊاڪٽر علي عباس، گل ناز ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سيمينار کي خطاب ڪندي سيد زين شاهه چيو ته پيپلزپارٽي هميشه مفاهمت جي سياست ڪئي آهي، وفاقي سرڪار، پ پ سان گڏجي ڪئنال ڪڍڻ بابت جيڪو فيصلو ڪيو آهي، اهو ڪڏهن به قبول نه ڪندا، هر فورم تي ويندا ۽ هر شهر ۾ سيمينار ڪرايا ويندا.

سيد زين شاهه جو چوڻ هو ته سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيڻ نه ڏني ويندي، ضرورت پئي ته اسلام آباد ۾ پرامن احتجاج به ڪيو ويندو.

سيمينار ۾ ڳالهائيندي قومپرست اڳواڻ حسين بخش ٿيٻي چيو ته مشرف ڪالاباغ ڊيم جو اعلان ڪيو ته سنڌ ان خلاف ڀرپور مزاحمت ڪئي هئي.

هن چيو ته حڪمران جيڪڏهن درياهه کي ترقي جو اهجاڻ سمجهن ٿا ته اهو به ٻُڌي ڇڏين ته سنڌو پنج هزار سالن کان سندن ساهه آهي، ان تان سنڌي ڪڏهن به هٿ نه کڻندا.

سندس چوڻ هو ته ٿل ڪئنال ذريعي ساڍا ست سئو ڪيوسڪ پاڻي ڪڍڻ جي منظوري ورتي وئي، طئي ٿيل اصولن کي پنجاب پُٺي ڏئي ڇڏي، کين پنهنجو پاڻي 1945 جي معاهدي تحت گهرجي.

سيمينار کي علي عباس خطاب ڪندي چيو ته چشما جهلم لنڪ ڪينال ۽ ٿل ڪينال سنڌ سڪائڻ جا منصوبا آهن.

هن چيو ته سنڌو درياهه مان اعلانيل 6 ڪينال، ٻن ڪالاباغ ڊيم جيترو پاڻي کڻندا، جيڪي سنڌ کي مڪمل طور سڪائي ڇڏيندا، وارياسي علائقن ۾ ڪينالن وارا منصوبا سموري دنيا ۾ ناڪام بڻجي رهيا آهن، پوءِ چولستان ۾ ڪينال ڪئين ڪامياب ٿيندا.

سندس چوڻ هو ته هِن منصوبي سان سنڌ جا اٺ ضلعا متاثر ٿيندا ۽ 50 کان 60 لک ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويندا.

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل جگديش آهوجا خطاب ڪندي چيو ته سندن ساهه واري رڳ تي حملو ڪيو پيو وڃي،  سنڌو نديءَ کي شڪست نٿي ڏئي سگهجي.

هن چيو ته پي ڊي ايم جي پهرين حڪومت ۾ پهريون منصوبو ٺاهيو ويو ۽ چيو ويو ته اِهو منصوبو ملڪ جي تقدير تبديل ڪندو، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي ان وقت ئي منصوبي جي مخالفت ڪئي.

سندس چوڻ هو ته سنڌ جي تقدير جو فيصلو ڪنهن به اهڙي فورم کي ناهي، جنهن جي ڪابه قانوني حيثيت نه هجي، اهي ڪينال ٻارنهن مهينا ئي وهايا ويندا، جيڪي سنڌ جي ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيندا.

جگديش آهوجا چيو ته هِن قاتل منصوبي کي سنڌ رد ڪري ٿي، ان خلاف مرحليوار جدوجهد ڪئي ويندي.

ليکڪا ۽ شاعره گلشن لغاري ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ واري وفاقي حڪومت جي فيصلي کي سنڌ رد ڪري ٿي، چونڊيل اسمبليون سندن آواز بلند نه پيون ڪن، عوام کي اٿي کڙو ٿيڻو پوندو، ان لاءِ پرامن احتجاج واحد رستو آهي، جنهن سان هِن قاتل منصوبي کي رد ڪرائي سگهجي ٿو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
120,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
0.6 ° C
0.6 °
0.6 °
33 %
4.5kmh
0 %
خميس
10 °
جمعو
11 °
ڇنڇر
13 °
آچر
14 °
سُومر
12 °

تازه ترين خبرون