تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به هو ڪنهن کي نه ڏيندا، سنڌ نه ڪنهن جو حق کائڻ چاهن ٿا:مراد علي شاهه

- Advertisement -
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به هو ڪنهن کي نه ڏيندا، سنڌ نه ڪنهن جو حق کائڻ چاهن ٿا، نه ئي پنهنجي حق ڪنهن کي ڏنو ويندو، ڇهن ڪينالن مان ڪوبه ڪينال نه پيو ٺهي، پاڻيءَ جو مسئلو سي سي آءِ کانسواءِ حل نه ٿيندو، پ پ جو ڪينالن واري معاملي تي موقف واضح آهي، هو هر فورم تي سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندا آهن،  قومپرستن پ پ سبب جي يو آءِ جي اي پي سي جو بائيڪاٽ ڪيو، جنهن سان ثابت ٿي ويو ته مسئلو رڳو پ پ سان آهي، پ پ ڪنهن به پارٽيءَ تي پابنديءَ جي مخالف آهي، احتجاج ذريعي ڪنهن به ماڻهوءَ جي آزاديءَ جو مطالبو ئي بنيادي طور غلط آهي، ڪنهن جي به آزادي عدالتن ذريعي ئي ممڪن آهي. ڪراچيءَ ۾ ايس آءِ سي وي ڊي سکر بابت جي انتظام هيٺ بارهين سالياني ڪانفرنس ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڻي رڳو سنڌ نه پر سموري ملڪ جو مسئلو آهي، 9 مهينا گذرڻ باوجود سي سي آءِ جو ڪو به اجلاس ناهي ٿيو، وفاق ان بابت ڪو جواب به ناهي ڏنو. هن چيو ته پيپلزپارٽي ڪئنال واري مسئلي تي واضح آهي، پاڻيءَ جو مسئلو سي سي آءِ کانسواءِ حل نه ٿيندو، ڇهن ڪينالن مان ڪوبه ڪينال نه پيو ٺهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ جي پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به هو ڪنهن کي نه ڏيندا، سنڌ نه ڪنهن جو حق کائڻ چاهن ٿا، نه ئي پنهنجي حق ڪنهن کي ڏنو ويندو. سيد مراد علي شاهه چيو ته هو هر فورم تي سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندا آهن،  قومپرستن پ پ سبب جي يو آءِ جي اي پي سي جو بائيڪاٽ ڪيو، جنهن سان ثابت ٿي ويو ته مسئلو رڳو پ پ سان آهي. وڏي وزير چيو ته پي ٽي آءِ اسلام آباد ۾ سرڪس لڳائي، احتجاج ذريعي ڪنهن به ماڻهوءَ جي آزاديءَ جو مطالبو ئي بنيادي طور غلط آهي، ڪنهن جي به آزادي عدالتن ذريعي ئي ممڪن آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته پيپلزپارٽي ڪنهن به سياسي پارٽيءَ تي پابندي جي حمايت نه ڪندي، گورنر راڄ لڳائڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
15 %
3.3kmh
100 %
خميس
25 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
23 °
آچر
23 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون