تازه ترين

سنڌ جي گهرو کاتي 12 ربيع الاول ۽ چپ تعزيتي جي جلوس تي موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو

سنڌ جي گهرو کاتي 12 ربيع الاول ۽ چپ تعزيتي جي جلوس تي موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، ڪراچي جي ڏکڻ زون ۾ 13، 14، 16 ۽ 17 سيپٽمبر تي موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي.

نوٽيڪفيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي جي ايسٽ زون ۾ 13، 16 ۽ 17 سيپٽمبر، ڪراچي جي ويسٽ زون ۾ 16 ۽ 17 سيپٽمبر تي موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لڳائي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن موجب، حيدرآباد ۽ دادو ۾ 16 ۽ 17 سيپٽمبر موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته گهوٽڪي ۽ خيرپور ۾ 13 ۽ 17 سيپٽمبر تي ٻيلهه سواري تي پابندي لڳائي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن موجب، لاڙڪاڻي، قمبر، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ 17 سيپٽمبر تي ڊبل سواري تي پابندي هوندي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته 12 ورهين کان گهٽ عمر جا ٻار، پيرسن شهري، صحافي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار پابندي کان آجا هوندا……….

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
25.1 ° C
25.1 °
25.1 °
40 %
0.8kmh
0 %
جمعو
34 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °
سُومر
36 °
اڱارو
35 °

تازه ترين خبرون