سنڌ جي 30 کرب رپين کان وڌيڪ جي بجيٽ پيش، پگهار ۾ 22 کان 30 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو اضافي جو اعلان ڪيو ويو آهي، گهٽ ۾ گهٽ پگهار 37 هزار رپيه هوندي، تعليم لاءِ 519، صحت لاءِ 334، ٽرانسپورٽ لاءِ 56 ارب، ورڪس اينڊ سروسز لاءِ 86 ارب، پورهيت ڪارڊ لاءِ 5 ارب رپيه رکيا ويا آهن، توانائي لاءِ 77 ارب، لوڪل گورنيمنٽ 329، آبپاشي کاتي 94، زراعت 58 ارب رپيه مخصوص ڪيا ويا، جڏهن ته شهيد پوليس اهلڪارن جي وارثن کي هڪ بدران 2 نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
سنڌ حڪومت طرفان نئين مالي سال 25-2024ع جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي.
سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بجيٽ پيش ڪئي.
بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 22 کان 30 سيڪڙو وڏو اضافو ڪيو ويو آهي.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته هڪ کان 6 گريڊ تائين جي ملازمن جي پگهار ۾ 30 سيڪڙو، ست کان سورهن تائين 25 ۽ سترهين کان 22هين گرڊ تائين جي ملازمن جي پگهار ۾ 22 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ پگهار 37 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته شهيد اهلڪارن جي وارثن کي هڪ بدران 2 نوڪريون ڏنيون وينديون.
وڏي وزير چيو ته بجيٽ ۾ 959 ارب رپين جي ترقياتي خرچن جون تجويزون پيش ڪيون ويون جيڪي خرچن جو 31 سيڪڙو آهن.
سندس چوڻ هو ته بجيٽ ۾ بنيادي طور تي ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ غريبن جي سماجي تحفظ تي ڌيان ڏنو ويو آهي.
هن چيو ته صوبي جي ڪل امڪاني آمدني 3 کرب رپيا آهي جنهن لاءِ گهڻو حصو وفاقي منتقلين جو 62 سيڪڙو تي آهي ۽ ان کانپوءِ صوبائي اوڳاڙين جو 22 سيڪڙو تي ٻڌل آهي.
وڏي وزير چيو ته سنڌ جي صوبائي بجيٽ ۾ سماجي خدمتن ۾ سيڙپڪاري کي اوليت ڏني وئي آهي.
هن چيو ته تعليم لاءِ سڀ کان وڌيڪ رقم 519 ارب رپيا رکي وئي آهي، جنهن مان 459 ارب رپيا موجوده روينيو خرچن لاءِ رکيا ويا آهن.
وڏي وزير چيو ته صحت لاءِ 334 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جن مان 302 ارب رپيا موجوده خرچن لاءِ رکيا ويا آهن.
ايندڙ مالي سال 2024-25 لاءِ لوڪل ڪائونسلن جي بجيٽ 121 ارب رپين مان وڌائي 160 ارب رپيا ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته بجيٽ ۾ بنيادي انفرااسٽرڪچر جي اهم شعبن لاءِ به وڏا وسيلا رکيا ويا آهن.
وڏي وزير چيو ته زراعت لاءِ 58 ارب رپيا توانائيءَ لاءِ 77 ارب رپيا، آبپاشي لاءِ 94 ارب رپيا، ورڪس اينڊ سروسز لاءِ 86 ارب رپيا ۽ منصوبابندي ۽ ترقيءَ لاءِ 30 ارب رپيا رکيا ويا آهن.
سيد مراد علي شاهه چيو ته ٽرانسپورٽ لاءِ 56 ارب رپيا ۽ گهرو کاتي لاءِ 194 ارب رپيا رکيا ويا آهن.
وڏي وزير چيو ته تعليم، صحت، لوڪل گورنمينٽ ۽ بنيادي انفرااسٽرڪچر جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ سنڌ جي عوام جي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ حڪومت جي عزم جو ڏيک آهي.
سيد مراد علي شاهه پاران پيش ڪيل سنڌ جي صوبائي بجيٽ ۾ سماجي ۽ معاشي ڀلائي خاص طور تي تازو آيل ٻوڏ جي بحالي کي اوليت ڏني وئي آهي.
هن چيو ته سماجي سيڙپڪاري لاءِ 34.9 ارب رپيا رکيا ويا آهن جيڪي وچولي طبقي جي آبادي کي سڌي سنئين مدد فراهم ڪندا.
وڏي وزير چيو ته بجيٽ ۾ شهرين تي ٻوجهه گهٽائڻ لاءِ 116 ارب سبسڊي پروگرام شامل آهن.
سندس چوڻ هو ته محفوظ پناهه گاهه لاءِ هائوسنگ اسڪيمن تحت 25 ارب رپيا رکيا پيا وڃن.
سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي بجيٽ ۾ فوري امدادي قدمن لاءِ پروگرام شروع ڪيا ويا آهن، ڪيترائي نوان قدم صوبي جي معيشت ۽ سماجي ڀلائي لاءِ کنيا ويا آهن.
وڏي وزير چيو ته هاري ڪارڊ تحت 8 ارب رپيا رکڻ سان 12 ملين هارين کي مالي سهائتا ملندي جنهن سان سنڌ جي زراعت مضبوط ٿيندي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته ملير ايڪسپريس وي تي ڪورنگي جي هڪ ڪمپائونڊ ۾ تعليم، بحالي، تربيت، هائوسنگ، طبي خدمتون، تفريحي ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ انڪليو ڪمپليڪس جي تعمير لاءِ 5 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن.
وڏي وزير چيو ته پوليس ۾ پهريون ڀيرو 485 پوليس ٿاڻن لاءِ مخصوص بجيٽ رکي ڪئي وئي آهي ته جيئن سندن روزاني خرچن، گشت، سار سنڀال ۽ عوامي خدمت ڪري سگهجي.
هن چيو ته 5 سالن دوران سولرائيزيشن لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ڪيا ويندا جنهن جو مقصد سولر هوم سسٽم جي ورڇ ۽ توانائي تائين رسائي کي هٿي ڏيڻ آهي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ حب ڪينال وانگر نئين ڪينال جي تعمير لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويندا.
هن چيو ته مزدور ڪارڊ تحت 5 ارب روپين جو فلاحي پروگرام سنڌ ۾ مزدورن جي مدد ڪندو.
وڏي وزير چيو ته سماجي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ بجيٽ ۾ زراعت لاءِ 12 ارب رپيا، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز لاءِ 3.2 ارب رپيا، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ لاءِ 2 ارب رپيا ۽ ڊي اي ايف ڊي لاءِ 1.5 ارب رپيا رکيا ويا آهن.
سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي صوبائي بجيٽ تعليم ۽ صحت جي سارسنڀال لاءِ وڏيون گرانٽس ذريعي انساني سرمائي ۾ سيڙپڪاري کي اوليت ڏئي ٿي.
هن چيو ته وڏين گرانٽس جي ٽوٽل رقم 190 ارب رپيا آهي جنهن ۾ 35 ارب رپيا خاص ڪري سنڌ جي يونيورسٽين لاءِ رکيا ڪيا ويا آهن. اهي گرانٽس وڏين اسپتالن ۽ طبي ادارن اين آءِ سي وي ڊي، ايس آءِ يو ٽي، انڊس اسپتال، ايس آءِ سي ايڇ اين ۽ ٽراما سينٽرن کي پڻ مدد ڏين ٿيون.
وڏي وزير چيو ته هن ٽارگيٽيڊ فنڊنگ جو مقصد تعليمي ادارن کي مضبوط ڪرڻ ۽ سنڌ جي عوام لاءِ معياري صحت جي خدمتن تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ آهي……….