سنڌ حڪومت جي حڪم تي هٿرادو مهانگائي ڪندڙن خلاف خاص مهم جاري

- Advertisement -
رمضان شريف جي آمد کان اڳ سنڌ حڪومت جي هدايت تي ڪراچي انتظاميا پاران هاڪاري ڪارروائي ڪندي وڌيڪ اگهه وٺندڙ 163 دڪاندارن مٿان 6 لک 46 رپيا ڏنڊ وڌو ويو آهي. ڪراچيءَ جي ڪمشنر محمد سليم راجپوت چيو ته رمضان المبارڪ ۾ شهرين کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ خاص قدم کنيا ويا آهن، ڊپٽي ڪمشنرن، اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيار ڪارن جي نگراني ۾ روزانو قيمتون چيڪ ڪيون پيو وڃن. سندس چوڻ هو ته پوليس بيورو آف سپلاءِ خوراڪ کاتو، وزن ۽ پيمائش کاتي جي آفيسرن کي انتظاميا جي آفيسرن جي مدد لاءِ متحرڪ ڪيو ويو آهي، وڌيڪ اگهه وٺندڙ 163 دڪاندارن مٿان 6 لک 46 رپيا ڏنڊ وڌو ويو آهي. ڪراچي جي ڪمشنر محمد سليم راجپوت چيو ته ڏکڻ ضلعي ۾  وڌيڪ اگهه وٺندڙ 36 دڪاندارن تي 2 لک 15 هزار رپيا، اوڀر ضلعي جي 12 دڪاندارن تي 85 هزار رپيا ۽ اولهه ضلعي ۾ 42 دڪاندارن تي 72 هزار رپيا ڏنڊ وڌو ويو. هن چيو ته سينٽرل ضلعي ۾ وڌيڪ اگهه وٺندڙ 16 دڪاندارن تي هڪ لک 45 هزار رپيا، ڪورنگي ۾ چئن دڪاندارن تي 35 هزار ۽ ملير ضلعي جي 30 دڪاندارن تي 54 هزار رپيا ڏنڊ وڌو ويو آهي. ڪراچيءَ جي ڪمشنر چيو ته ڪياماڙي ۾ 23 هول سيلرز تي 40 هزار رپيا ڏنڊ وڌو ويو آهي، گذريل پنجن ڏينهن دوران منافعي خورن خلاف ڪاررواين دوران 42 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.2 ° C
28.2 °
28.2 °
19%
2.7m/s
0%
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
29 °

تازه ترين خبرون