- Advertisement -
رمضان شريف جي آمد کان اڳ سنڌ حڪومت جي هدايت تي ڪراچي انتظاميا پاران هاڪاري ڪارروائي ڪندي وڌيڪ اگهه وٺندڙ 163 دڪاندارن مٿان 6 لک 46 رپيا ڏنڊ وڌو ويو آهي.
ڪراچيءَ جي ڪمشنر محمد سليم راجپوت چيو ته رمضان المبارڪ ۾ شهرين کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ خاص قدم کنيا ويا آهن، ڊپٽي ڪمشنرن، اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيار ڪارن جي نگراني ۾ روزانو قيمتون چيڪ ڪيون پيو وڃن.
سندس چوڻ هو ته پوليس بيورو آف سپلاءِ خوراڪ کاتو، وزن ۽ پيمائش کاتي جي آفيسرن کي انتظاميا جي آفيسرن جي مدد لاءِ متحرڪ ڪيو ويو آهي، وڌيڪ اگهه وٺندڙ 163 دڪاندارن مٿان 6 لک 46 رپيا ڏنڊ وڌو ويو آهي.
ڪراچي جي ڪمشنر محمد سليم راجپوت چيو ته ڏکڻ ضلعي ۾ وڌيڪ اگهه وٺندڙ 36 دڪاندارن تي 2 لک 15 هزار رپيا، اوڀر ضلعي جي 12 دڪاندارن تي 85 هزار رپيا ۽ اولهه ضلعي ۾ 42 دڪاندارن تي 72 هزار رپيا ڏنڊ وڌو ويو.
هن چيو ته سينٽرل ضلعي ۾ وڌيڪ اگهه وٺندڙ 16 دڪاندارن تي هڪ لک 45 هزار رپيا، ڪورنگي ۾ چئن دڪاندارن تي 35 هزار ۽ ملير ضلعي جي 30 دڪاندارن تي 54 هزار رپيا ڏنڊ وڌو ويو آهي.
ڪراچيءَ جي ڪمشنر چيو ته ڪياماڙي ۾ 23 هول سيلرز تي 40 هزار رپيا ڏنڊ وڌو ويو آهي، گذريل پنجن ڏينهن دوران منافعي خورن خلاف ڪاررواين دوران 42 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو.- Advertisement -
