تازه ترين

سنڌ حڪومت غير قانوني افغانين کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ھٿرادو جواز پيدا نه ڪري: اياز لطيف

- Advertisement -
قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي  ته سنڌ حڪومت غير قانوني افغانين کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ھٿرادو جواز پيدا نه ڪري،  ملڪ جا 3 صوبا غير قانوني افغانين کي نيڪالي ڏئي رھيا آھن ۽ سنڌ حڪومت شاديون ڪرڻ جا جڙتو جواز پيدا ڪري رھي آھي. هڪ بيان ۾ اياز لطيف پليجي بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير مراد علي شاھ ۽ گھرو وزير ضيا لنجار سان مخاطب ٿيندي چيو آھي ته جيڪڏھن توھان کي ذميواري جو ۽ سنڌ جو ٿورو به احساس آھي ته سڄي سنڌ مان افغاني سميت سمورا اليگل اميگريشن واپس پنھنجي ملڪن ڏانھن موڪليا وڃن. هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت پاران افغانين سميت اليگل اميگرينٽس کي تحفظ ڏيڻ ملڪ جي امن، سلامتي کي خطري ۾ وجھڻ ۽ سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلز پارٽي اقتدار ۽ ووٽ جي لالچ ۾ ملڪ جي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾  نه وجھن ۽ سنڌي ماڻھن کي پنھنجي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش جو حصو نه ٿين. هن چيو ته  افغانستان ۾ ھن وقت امن آھي، اتي جون معاشي حالتون بھتر ٿي رھيون آھن، انڪري انھن کي ھتي رھائڻ جو ڪو به جواز نٿو بچي. سڄي دنيا ۾ ڪٿي به غير قانوني پرڏيھين جو تحفظ ناھي ڪيو ويندو، ھر ملڪ کي پنھنجا مفاد عزيز آھن، پنھنجي ملڪ جي ماڻھن جا مفاد عزيز آھن پر پاڪستان ۾ ملڪ دشمن ۽ سنڌ دشمن سازشن کي ھٿي ڏني وڃي ٿي. اياز لطيف پليجي چيو ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سميت سمورن وڏن شھرن ۾ غير قانوني افغاني ۽ ٻيا غير قانوني پرڏيھي ڪالونيون ٺاھي قابض ويٺل آھن، اھي غير قانوني پرڏيھي سنڌ جي روزگار جي وسيلن تي قابض آھن…………….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.3 ° C
23.3 °
23.3 °
37 %
2.2kmh
7 %
آچر
22 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون