- Advertisement -
قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ حڪومت غير قانوني افغانين کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ھٿرادو جواز پيدا نه ڪري، ملڪ جا 3 صوبا غير قانوني افغانين کي نيڪالي ڏئي رھيا آھن ۽ سنڌ حڪومت شاديون ڪرڻ جا جڙتو جواز پيدا ڪري رھي آھي.
هڪ بيان ۾ اياز لطيف پليجي بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير مراد علي شاھ ۽ گھرو وزير ضيا لنجار سان مخاطب ٿيندي چيو آھي ته جيڪڏھن توھان کي ذميواري جو ۽ سنڌ جو ٿورو به احساس آھي ته سڄي سنڌ مان افغاني سميت سمورا اليگل اميگريشن واپس پنھنجي ملڪن ڏانھن موڪليا وڃن.
هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت پاران افغانين سميت اليگل اميگرينٽس کي تحفظ ڏيڻ ملڪ جي امن، سلامتي کي خطري ۾ وجھڻ ۽ سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آھي.
اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلز پارٽي اقتدار ۽ ووٽ جي لالچ ۾ ملڪ جي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ نه وجھن ۽ سنڌي ماڻھن کي پنھنجي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش جو حصو نه ٿين.
هن چيو ته افغانستان ۾ ھن وقت امن آھي، اتي جون معاشي حالتون بھتر ٿي رھيون آھن، انڪري انھن کي ھتي رھائڻ جو ڪو به جواز نٿو بچي. سڄي دنيا ۾ ڪٿي به غير قانوني پرڏيھين جو تحفظ ناھي ڪيو ويندو، ھر ملڪ کي پنھنجا مفاد عزيز آھن، پنھنجي ملڪ جي ماڻھن جا مفاد عزيز آھن پر پاڪستان ۾ ملڪ دشمن ۽ سنڌ دشمن سازشن کي ھٿي ڏني وڃي ٿي.
اياز لطيف پليجي چيو ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سميت سمورن وڏن شھرن ۾ غير قانوني افغاني ۽ ٻيا غير قانوني پرڏيھي ڪالونيون ٺاھي قابض ويٺل آھن، اھي غير قانوني پرڏيھي سنڌ جي روزگار جي وسيلن تي قابض آھن…………….- Advertisement -
