- Advertisement -
سنڌ حڪومت منشيات خلاف فيصلائتي ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ ايڪسائز نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ جي آفيسرن جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سينيئر صوبائي وزير کي منشيات خلاف هلندڙ ڪارراوين تي بريفنگ ڏني.
شرجيل ميمڻ منشيات خلاف فيصلائتي ۽ روزانو جي بنياد تي ڪارروائي جي هدايت ڪئي.
سندس چوڻ هو ته منشيات وڪرو ڪندڙ معاشري لاءِ ناسور بڻجي چڪا آهن، انهن کي ڪنهن به صورت معاف نه ڪيو ويندو.
شرجيل ميمڻ چيو ته شهرن يا ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ منشيات جي سپلاءِ ۽ استعمال ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.
سينيئر صوبائي وزير چيو ته پوليس به ايڪسائز ٽيمن جي مدد لاءِ هر وقت تيار رهندي، منشيات خلاف حڪومت سنڌ حڪومت جي پاليسي زيرو ٽالرنس واري پاليسي آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته منشيات وڪرو ڪندڙ ڏوهاري سان ڪا به نرمي نه ٿيندي، ڪيسن جي پراسيڪيوشن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي ته جيئن منشيات وڪرو ڪندڙ انجام تائين پهچن.- Advertisement -
