سنڌ حڪومت، ٽرانسپورٽ کاتي جون زمينون ۽ عمارتون هڪ مهيني اندر خالي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ايس ايم ٽي اي بورڊ زمينون ۽ عمارتون خالي ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي بورڊ جو 12 هون اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ سکر جي ميئر ارسلان اسلام شيخ، حيدرآباد جي ميئر ڪاشف شوري، ٽرانسپورٽ سيڪريٽري اسد ضامن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
بورڊ اجلاس ۾ سڄي سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جون عمارتون ۽ زمينون هڪ مهيني اندر خالي ڪرائڻ جي منظوري ڏني وئي.
اجلاس دوران ايس ايم ٽي اي بورڊ جي 11هين اجلاس جي منٽس جي به منظوري ڏني وئي.
ايس ايم ٽي اي بورڊ طرفان ڊويزنل سطح تي ايس ايم ٽي اي جون آفيسون ٺاهڻ جي به منظوري ڏني وئي جڏهن ته ايس ايم ٽي اي ۾ ڪانٽريڪٽ تي مقرر ملازمن جي ڪانٽريڪٽس ۾ واڌ ايڇ آر ڪميٽي سان مشروط ڪئي وئي.
سينيئر صوبائي شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار ٽرانسپورٽ کاتي جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ چاهي ٿي، نگران حڪومت ۾ بي آر ٽي منصوبن تي ڪم روڪيو ويو هو، جنهن سبب منصوبن ۾ دير ٿي.
اجلاس ۾ ڄام صادق پل تي جاري ترقياتي ڪم ۽ ييلو لائن لاءِ ڊيپوز ٺاهڻ بابت به ڳالهيون ڪيون ويون.
ايس ايم ٽي اي بورڊ اجلاس ۾ اي وي پاليسي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اي وي پاليسي بابت سيڪريٽري ٽرانسپورٽ، توانائي واري وزارت سان رابطو ڪري ايندڙ بورڊ اجلاس ۾ رپورٽ جمع ڪرائي.