تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ حڪومت پاران ٽرانسپورٽ کاتي جون زمينون ۽ عمارتون هڪ مهيني اندر خالي ڪرائڻ جو فيصلو

- Advertisement -
سنڌ حڪومت، ٽرانسپورٽ کاتي جون زمينون ۽ عمارتون هڪ مهيني اندر خالي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ايس ايم ٽي اي بورڊ زمينون ۽ عمارتون خالي ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي بورڊ جو 12 هون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سکر جي ميئر ارسلان اسلام شيخ، حيدرآباد جي ميئر ڪاشف شوري، ٽرانسپورٽ سيڪريٽري اسد ضامن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. بورڊ اجلاس ۾ سڄي سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جون عمارتون ۽ زمينون هڪ مهيني اندر خالي ڪرائڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس دوران ايس ايم ٽي اي بورڊ جي 11هين اجلاس جي منٽس جي به منظوري ڏني وئي. ايس ايم ٽي اي بورڊ طرفان ڊويزنل سطح تي ايس ايم ٽي اي جون آفيسون ٺاهڻ جي به منظوري ڏني وئي جڏهن ته ايس ايم ٽي اي ۾ ڪانٽريڪٽ تي مقرر ملازمن جي ڪانٽريڪٽس ۾ واڌ ايڇ آر ڪميٽي سان مشروط ڪئي وئي. سينيئر صوبائي شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار ٽرانسپورٽ کاتي جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ چاهي ٿي، نگران حڪومت ۾ بي آر ٽي منصوبن تي ڪم روڪيو ويو هو، جنهن سبب منصوبن ۾ دير ٿي. اجلاس ۾ ڄام صادق پل تي جاري ترقياتي ڪم ۽ ييلو لائن لاءِ ڊيپوز ٺاهڻ بابت به ڳالهيون ڪيون ويون. ايس ايم ٽي اي بورڊ اجلاس ۾ اي وي پاليسي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اي وي پاليسي بابت سيڪريٽري ٽرانسپورٽ، توانائي واري وزارت سان رابطو ڪري ايندڙ بورڊ اجلاس ۾ رپورٽ جمع ڪرائي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
18.3 ° C
18.3 °
18.3 °
31 %
1.5kmh
30 %
اربع
26 °
خميس
27 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون