تازه ترين

سنڌ حڪومت پاران ڪراچي مان بس اڏن کي ٻاهر منتقل ڪرڻ ۽ مفت شٽل سروس ڏيڻ جو فيصلو

- Advertisement -
سنڌ حڪومت پاران ڪراچي مان بس اڏن کي ٻاهر منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جو اجلاس ٿيو. سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته سمورن بس اڏن کي ترجيهي بنيادتين ڪراچي کان ٻاهر منتقل ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته ڪراچي مان مسافرن کي مفت شٽل سروس ذريعي بس اڏن تائين پهچايو ويندو. شرجيل ميمڻ چيو ته هيوي گاڏين سبب شهرين کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، ڪراچي بس ٽرمينل ۾ جديد سهولتون فراهم ڪيون وينديون. صوبائي وزير جو چوڻ هو ته شٽل سروس ڪينٽ اسٽيشن، صفير شهيد روڊ، جناح روڊ، الڪرم اسڪوائر کان شروع ڪئي پئي وڃي. شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته ڪراچي بس ٽرمينل تي پوليس چيڪ پوسٽ به ٺاهي ويندي. سندس چوڻ هو ته ڪوشش ڪئي ويندي ته ڪراچي شهرين کي ۽ مسافرن کي ڪنهن به قسم جي تڪليف يا پريشاني نه ٿئي، سمورن اسٽيڪ هولڊرن جي مفادن جو خيال رکيو ويندو، اهڙا قدمن کي يقيني بڻايو ويندو جيئن ٽرانسپورٽرن کي به نقصان نه ٿئي ۽ مسافرن کي به رليف ملي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
23.6 ° C
23.6 °
23.6 °
46 %
3.6kmh
71 %
اربع
24 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون