سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ هڪ عورت ۽ هڪ پوليس اهلڪار سميت 3 ڄڻا فوت ۽ 2 عورتون زخمي

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ هڪ عورت ۽ هڪ پوليس اهلڪار سميت 3 ڄڻا فوت ۽ 2 عورتون زخمي ٿي پيون آهن. ڳڙهي حسن ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ عورت فوت ۽ 2 عورتون زخمي ٿي پيون. ڳوٺ فيروز خان ڪنڊراڻي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب ڪونج خاتون فوت ٿي وئي، جڏهن ته حليمان ۽ لال خاتون زخمي ٿي پيون. واقعي بعد فوتي عورت جو لاش ۽ زخمي عورتن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. دولتپور صفن ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب پوليس اهلڪار فوت ٿي ويو. ڳوٺ لائق راهو واسي پوليس اهلڪار غلام حيدر راهو کي گهر اندر پاڻيءَ جو موٽر هلائڻ دوران ڪرنٽ لڳو. وارث پوليس اهلڪار کي کڻائي اسپتال پهچايو، جتي ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس اهلڪار علي حيدر جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو. پڪاچانگ ۾ نينگر بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو آهي. چانگ پاڙي ۾ اڍائي سالن جي مصور سومري کي پکي مان بجلي جو ڪرنٽ لڳو. وارثن نينگر کي اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽر فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. اڍائي سالن جي مصور سومري جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.8 ° C
24.8 °
24.8 °
38%
0.5m/s
1%
ڇنڇر
31 °
آچر
30 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
34 °

تازه ترين خبرون