تازه ترين

سنڌ سرڪار، ڪراچي ۾ پنڪ بس سروس جي نئين روٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ سرڪار، ڪراچي ۾ پنڪ بس سروس جي نئين روٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. جاري ڪيل بيان ۾ سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پنڪ بس سروس جو نئون روٽ 17 نومبر کان عبدالله چوڪ کان نمائش تائين هوندو. سندس چوڻ هو ته شروعات ۾ اها سروس ٽن مخصوص وقتن ۾ دستياب هوندي، صبح 8 کان نائين وڳي، منجهند هڪ کان ٻي وڳي ۽ شام پنجين کان ستين وڳي تائين عورتون سفر ڪري سگهنديون. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته رڳو عورتن لاءِ مخصوص سروس ۾ سفر دوران آرام، حفاظت ۽ بهتر انتظامن کي اوليت ڏني ويندي، ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ عورتن کي روزانو سفر دوران جن ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي هي سروس ان ٻوجهه کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار چاهي ٿي ته عورتون اعتماد سان پنهنجي تعليمي، نوڪري ۽ ذاتي معاملا سر انجام ڏين، بسن ۾ سڪيورٽي، ٽريڪنگ سسٽم ۽ تربيت ورتل عملي جي سهولت هوندي. هن چيو ته مستقبل ۾ هن سروس کي ٻين علائقن تائين وڌائڻ جو به منصوبو آهي، هي عورتن لاءِ محفوظ شهري ماحول طرف هڪ بامعنيٰ قدم آهي، سنڌ سرڪار اڳتي به عورتن کي سهولتن جي فراهمي لاءِ عملي قدم کڻندي رهندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
6 ° C
6 °
6 °
18 %
0.9kmh
98 %
ڇنڇر
16 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
18 °
اربع
16 °

تازه ترين خبرون