تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ججن جي استعيفيٰ جو سلسلو بند نه ٿيندو، ملڪ آئين ۽ قانون تحت هلي رهيو آهي : ملڪ احمد خان

- Advertisement -
پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ احمد خان چيو آهي ته ججن جي استعيفيٰ جو سلسلو بند نه ٿيندو، ملڪ آئين ۽ قانون تحت هلي رهيو آهي، پارليامينٽ سپريم ۽ حڪومت عوام جي مفاد ۾ صاف ۽ شفاف قانونسازي ڪري رهي آهي، سڀني جي ماضي جي خبر آهي ته ڪنهن ڪهڙي نموني فيصلا ڪيا، سوشل ميڊيا تي اجائي واويلا ڪئي پئي وڃي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ملڪ احمد خان چيو ته حڪومت عوام جي مفاد ۾ صاف ۽ شفاف قانونسازي ڪري رهي آهي، سڀ ڄاڻن ٿا ته ماضي ۾ ڪير ڪيئن ۽ ڪهڙي طرح فيصلا ڪندو هو. سندس چوڻ هو ته ڇا نواز شريف کي حڪومت مان ڪڍڻ درست فيصلو هو؟، ڇا يوسف رضا گيلاني کي هٽائڻ صحيح هو. پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر چيو ته پارليامينٽ سپريم آهي، ججن جي استعيفيٰ جو سلسلو نه رڪجندو، اهڙا جج آهن جيڪي هڪ پارٽي کي سزا ڏيڻ چاهن ٿا، هو پنهنجو ڪم ايمانداري سان ڪندڙ ججن کي سلام پيش ڪن ٿا. ملڪ احمد خان چيو ته استعيفيٰ ڏيندڙ ججن مان هڪ جج هڪ سياسي پارٽي کي انصاف ڏيڻ ئي انصاف سمجهندو هو، عمر عطا بنيال جا جانبدار فيصلا هئا، ثاقب نثار ۽ ٻين ججن جون جانبداريون رهيون. هن چيو ته عدالتي فيصلن ۾ آئين لکڻ جي ڪوشش مناسب ناهي، هڪ هڪ چيف جسٽس جي ڪورٽ ۽ فيصلو ويهه سال جو رڪارڊ ڏسي وٺو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.4 ° C
19.4 °
19.4 °
41 %
1.8kmh
99 %
آچر
19 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون