تازه ترين

سنڌ سرڪار اسٽريٽ ڪرائم ۾ غير قانوني پرڏيهين کي ملوث قرار

- Advertisement -
سنڌ سرڪار اسٽريٽ ڪرائم ۾ غير قانوني پرڏيهين کي ملوث قرار ڏئي ڇڏيو ۽  منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف وڏي پئماني تي ڪريڪ ڊائون شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته اسٽريٽ ڪرائيم ۾ غير قانوني پرڏيهي ملوث آهن، سنڌ سرڪار ڏوهن جي خاتمي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي،  سنڌ ۾ ڪڻڪ ايتري لٿي آهي جو ٻاهر به موڪلي سگهجي ٿي، عيد کانپوءِ وڌيڪ گاڏيون روڊن تي آنديون وينديون. ٽنڊي ڄام ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته صدر آصف علي زرداري سي پيڪ آندو پر  مختلف پارٽين ڪريڊٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اها سندن ڪرامت  آهي. هن چيو ته  آصف علي زرداري پاليسي اختيار ڪئي ته کين امداد نه پر واپار گهرجي، ملڪي آبادي جو وڏو حصو ٻهراڙي وارو آهي جنهن کي هميشه نظرانداز  ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته پ پ هميشه حڪومت ۾ اچي ٻهراڙي جي علائقن تي ڌيان ڏنو آهي، پهريون ڪڻڪ ٻاهران گهرائي ويندي هئي پر آصف زرداري جي ويزن سبب ڪڻڪ ٻاهر موڪلڻ شروع ڪئي وئي. شرجيل ميمڻ چيو ته ڪڻڪ جو بمپر فصل لٿو آهي، حڪومت خريد ڪري ٻاهر به موڪلي سگهي ٿي. هن چيو ته آصف زرداري  کان پهريون ڪنهن به حڪومت زراعت تي ڌيان نه ڏنو،  ملڪ ۾ صنعتون آڻي ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻا آهن. سندس چوڻ هو ته سنڌ سرڪار جي اوليت هوندي ته هر سيڪٽر کي مضبوط ڪيو وڃي. شرجيل ميمڻ چيو ته غير قانوني پرڏيهي، بيروزگاري ۽ مهانگائي اسٽريٽ ڪرائيم جو بنيادي سبب آهن. هن چيو ته حڪومت اسٽريٽ ڪرائيم تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري رهي آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته وڏو وزير مراد علي شاهه، گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ امن امان لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.9 ° C
20.9 °
20.9 °
45 %
1.8kmh
0 %
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
31 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون