- Advertisement -
سنڌ سرڪار جي مخالفت باوجود پنجاب چولستان ڪئنال جي منظوري جي ضد تي قائم آهي، تڪراري چولستان ڪئنال جي منظوري واري رٿا سي ڊي ڊبليو پي جي ايجنڊا ۾شامل ڪئي وئي آهي، سنڌ ٽي وي نيوز جي انويسٽيگيشن سيل رٿا بابت ورڪنگ پيپر ۽ ٻيا دستاويز هٿ ڪري ورتا.
پنجاب پنهنجي هوڏ تان نه لٿو، سنڌ سرڪار جي مخالفت باوجود تڪراري چولستان ڪينال جي منظوري واري رٿا سي ڊي ڊبليو پي جي ايجنڊا ۾ شامل آهي.
هٿ ڪيل پيپرن موجب، اڄوڪي اجلاس جي ايجنڊا نمبر 14 ۾ 211 ارب رپين کان مٿي جي رٿا موجود آهي.
سنڌ سرڪار اڳ ئي جولاءِ ۾ هن رٿا خلاف گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ وڃي چڪي آهي.
سي سي آءِ مان اڃا تائين ڪوبه فيصلو نه اچڻ باوجود پنجاب تڪراري رٿا منظور ڪرائڻ واري ضد تي قائم آهي.
سنڌ جي آبپاشي کاتي سيپٽمبر ۾ ٿيل اجلاس ۾ به هن رٿا جي مخالفت ڪئي هئي.
ماهرن پنجاب جي ضلعي بهاولپور ۾ رٿيل ڪينال کي سنڌ جي حصي مان پاڻي ڏيڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو.- Advertisement -
