پاڪستاني معيشيت بهتري طرف وڃي رهي آهي : مراد علي شاهه

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستاني معيشيت بهتري طرف وڃي رهي آهي، ملڪ ۾ کجي جي بهترين پوک ڪئي پئي وڃي، پاڪستان ۾ کجي جي اعليٰ معيار جا قسم ملي رهيا آهن، عالمي مارڪيٽ ۾ ملڪ جو معيار بهتر ٿيندو پيو وڃي. ڪراچيءَ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته پاڪستاني معيشيت بهتري طرف وڃي رهي آهي، پاڪستان پنهنجون شيون ٻاهر اماڻڻ سان عالمي مارڪيٽ ۾ بهترين ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ کجي جي بهترين پوک ڪئي پئي وڃي، کجيءَ کي ٻاهر اماڻڻ سان هو بهترين ناڻو ڪمائي سگهن ٿا، پاڪستان ۾ کجي جي اعليٰ معيار جا قسم ملي رهيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته زراعت جو شعبو ملڪ جي معيشيت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، آبادگارن لاءِ قدم زراعت جي بهتري لاءِ اڻٽر آهن. مراد علي شاهه چيو ته آبادگار خوشحال ٿيندا ته پاڪستان خوشحال ٿيندو، عالمي مارڪيٽ ۾ ملڪ جو معيار بهتر ٿيندو پيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
49%
2.4m/s
1%
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
34 °
خميس
36 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون