سنڌ سرڪار منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف سڀاڻي کان مرحليوار آپريشن شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ طرفان سموري سنڌ مان نارڪو ٽڪس ڪنٽرول ونگ جي نفري طلب ڪئي وئي آهي، پهرين مرحلي ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آپريشن شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ۾ ايڪسائز نارڪوٽڪس ڪنٽرول جو اهم اجلاس ٿيو.
شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته سڀاڻي کان پوي سنڌ ۾ منشيات فروشن خلاف مرحليوار آپريشن شروع ڪيو ويندو.
شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته پهرين مرحلي ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آپريشن شروع ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته منشيات خلاف دائرو وڌائيندي ٻين ضلعن ۾ به جلد آپريشن شروع ڪيو ويندو، سندن هدف ڪرسٽل، آئس، هيروئن، ڪوڪين ۽ چرس آهي، ان جو خاتمو هر صورت ۾ يقيني بڻائڻو پوندو.
شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته پوليس ۽ رينجرز به ايڪسائز نارڪوٽڪس ڪنٽرول جي ٽيمن سان سهڪار لاءِ هر وقت تيار آهن.
هن چيو ته منشيات خلاف نئين قانوني کانپوءِ ايڪسائز نارڪوٽڪس ڪنٽرول جي ذميوارين ۾ واڌ ٿي وئي آهي.
شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته پنهنجي ايندڙ نسلن کي بچائڻ ۽ منشيات کان پاڪ معاشري لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته منشيات جي روڪٿام لاءِ ڪيل ڪوششن تي کيس اطمينان جو احساس ۽ خوشي محسوس ٿيندي آهي.
شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته منشيات خلاف ونگ کي مضبوط ۽ مثالي بڻائڻ سندن ذميواري آهي، منشيات خلاف سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ جوانن کي انعام ۽ اعزازن سان نوازيو ويندو.
شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته منشيات خلاف ڪاررواين کي پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آهيان، روزاني جي بنياد تي آپريشن جي رپورٽ ڏني ويندي………