تازه ترين

آءِ ايم ايف خرچ گهٽائڻ يا 189 ارب رپين جا ٽيڪس لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
آءِ ايم ايف خرچ گهٽائڻ يا 189 ارب رپين جا وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، عالمي مالياتي اداري جي چيف نيٿن پورٽر جي قيادت ۾  وفد جي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان ملاقات، معاشي سڌارن سميت ٽيڪس ٽارگيٽ پورو ڪرڻ تي ڳالهيون، محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ گهڻي قدر ٽارگيٽ حاصل ڪيا ويا آهن آءِ ايم ايف مشن چيف نيٿن پورٽر جي قيادت ۾ وفد جي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب سان شروعاتي ملاقات ٿي جنهن ۾ آءِ ايم ايف مشن کي ٽيڪس پاليسي ۽ سڌارن بابت آگاهي ڏني وئي. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب آءِ ايم ايف جي وفد جي آجيان ڪئي. ذريعن موجب ٽيڪس نيٽ وڌائڻ لاءِ ايف بي آر ڊيجيٽلائيزيشن ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس ڊيٽا جي استعمال تي بريفنگ ڏني، اختيارين ٻڌايو ته اي آءِ بيسڊ قدم ۽ ڊيجيٽلائيزيشن قدمن کانپوءِ روينيو ۾ بهتري جو موقعو آهي. ايف بي آر ٽرانسفارميشن پلان تحت نيون آفيسون قائم ڪرڻ ۽ رائٽ سائزنگ کان به آگاهه ڪيو ويو، اِن لينڊ روينيو ۽ ڪسٽمز ۾ هن وقت تائين 160 کان وڌيڪ نوڪرين لاءِ خالي جايون ختم ڪيون ويون آهن. آءِ ايم ايف مشن کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وفاقي ڪابينا مختلف وزارتن ۽ ڊويزنز ۾ ڏيڍ لک نوڪرين جون جايون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف انٽيلي جنس اينڊ انويسٽيگيشن ڪسٽمز جي نئين سر تنظيم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ڪسٽمز جا 4 ڊائريڪٽوريٽ بند ڪيا ويا جنهن ۾ راولپنڊي، ملتان، حيدرآباد ۽ گوادر شامل آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
34.6 ° C
34.6 °
34.6 °
5 %
1.2kmh
16 %
اڱارو
34 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون