تازه ترين

سنڌ سرڪار پاران سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾نئين جديدطريقي سان اصلاحات آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو

سنڌ سرڪار پاران سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾نئين جديدطريقي سان اصلاحات آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

زراعت واري وزير سردار محمد بخش مھر جي صدارت ھيٺ سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جو هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ سڪريٽري زراعت رفيق احمد ٻرڙو، ايم ڊي سندھ سيڊ ڪارپوريشن، زراعت جا تمام ڊي جيز ۽ ٻيا زرعي ماهر شريڪ ٿيا.

اجلاس ۾ ايم ڊي سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۽ ٻين ڊي جيز سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي ڪارڪر دگي بابت بريفنگ ڏني.

ان موقعي تي صوبائي وزير محمد بخش مهر چيو ته سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾ نئين جدت سان اصلاحات آڻڻ جي ضرورت آهي.

صوبائي وزير پاران سڪريٽري زراعت کي 15 ڏينهن اندر اندر هڪ ترتيب وار پلان ٺاهي ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

هن چيو ته ڪارپوريشن ۾ سڌارا آڻڻ بابت 15 ڏينهن جي اندر پلان ٺاهي ڪابينا۾پيش ڪيوويندو.

سندس چوڻ هو ته سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جو برو حال آهي، آفيسر ڪارڪردگي بھتر ڪن.

صوبائي وزير محمد بخش مهر چيو ته سيڊ ڪارپوريشن جي آفيسرن جي ڪارڪردگي مان مطمئن ناهي، فوري طور تي سٺا آفيسر مقرر ڪياوڃن.

هن چيو ته کين ٻيھر ھن اداري کي پنھنجن پيرن تي بيھارڻ جي ضرورت آهي.

زراعت کاتي جي سڀني ونگز مان سٺا آفيسر ۽ ملازم سيڊ ڪارپوريشن ۾ موڪلڻ جي به هدايت ڪئي وئي.

سيڊ ڪارپوريشن جي آفيسرن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سيڊ ڪارپوريشن ۾ 10 سالن ۾ 61 سيڪڙو پروڊڪشن وڌائي آهي، سڪرنڊ ۽ ٽنڊوڄام ۾ ڪڻڪ ۽ ڪاٽن جا پروسيسنگ پلانٽ لڳايا ويا آهن.

محمد بخش مهر چيو ته سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾ زرعي ماهرن جي مقرر کي يقيني بڻايو وڃي.

هن چيو ته آفتن ۽ موسمي تبديلين کي منھن ڏيڻ لاءِ زرعي شعبي کي وڌيڪ لچڪدار بڻايو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
118,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
24 %
0.9kmh
0 %
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
27 °

تازه ترين خبرون