تازه ترين

سنڌ سرڪار  پاران واٽر پاليسي متعارف ڪرائي ڇڏي

سنڌ سرڪار  پاران واٽر پاليسي متعارف ڪرائي ڇڏي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته موسمياتي تبديلي، آباديءَ ۾ اضافو ۽ شهرن ۾ واڌ جا مسئلا مٺي پاڻي جي وسيلن تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن.

آبپاشي کاتي پاران ڪراچي ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شوري، توانائي واري وزير امتياز شيخ، تعليم واري وزير سردار شاهه، مڪاني ادارن واري صوبائ وزير ناصر شاهه، باري پتافي ۽ پاڻي ماهرن توڙي آبادگارن شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته موسمياتي تبديلي، آباديءَ ۾ اضافو ۽ شهرن ۾ واڌ جا مسئلا مٺي پاڻي جي وسيلن تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن.

هن چيو ته پاڻي زندگيءَ جو قميتي وسيلو آهي، جيڪو سياريَ تي موجود سمورن جاندارن کي ڳنڍي رکي ٿو، سنڌ ۾ هن وقت پاڻي کي کوٽ آهي.

وڏي وزير چيو ته قومي پاڻي پاليسي 2018ع ۾ منظور ڪئي وئي ۽ ان کان پوءِ سندن مقامي مسئلن ۽ حل لاءِ پاليسي دستاويز سامهون  آڻڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي.

هن چيو ته آباديءَ ۾ مسلسل اضافي سبب پاڻي جي گهرج ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن بعد اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته پاڻي جو اثرائتو انتظام ۽ گورننس اهميت رکي ٿي.

وڏي وزير چيو ته پاڻي پاليسي جو جامع دستاويز متعارف ڪرائڻ تي کيس خوشي ٿي رهي آهي، پاڻي جي دستيابي، ورڇ ۽ معيار بابت کين جيڪي چئلينج آڏو آهن، اهي وڏا ۽آهن. هن چيو ته پاڻي پاليسي ماهرن، تعليمي ادارن، پبلڪ سيڪٽر جي تنظيمن ۽ لاڳاپيل شهرين جي اڻ ٿڪ ڪوششن جو نتيجو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
23 ° C
23 °
23 °
44 %
4.6kmh
13 %
سُومر
23 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون