تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ سرڪار  پاران واٽر پاليسي متعارف ڪرائي ڇڏي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ سرڪار  پاران واٽر پاليسي متعارف ڪرائي ڇڏي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته موسمياتي تبديلي، آباديءَ ۾ اضافو ۽ شهرن ۾ واڌ جا مسئلا مٺي پاڻي جي وسيلن تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن.

آبپاشي کاتي پاران ڪراچي ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شوري، توانائي واري وزير امتياز شيخ، تعليم واري وزير سردار شاهه، مڪاني ادارن واري صوبائ وزير ناصر شاهه، باري پتافي ۽ پاڻي ماهرن توڙي آبادگارن شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته موسمياتي تبديلي، آباديءَ ۾ اضافو ۽ شهرن ۾ واڌ جا مسئلا مٺي پاڻي جي وسيلن تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن.

هن چيو ته پاڻي زندگيءَ جو قميتي وسيلو آهي، جيڪو سياريَ تي موجود سمورن جاندارن کي ڳنڍي رکي ٿو، سنڌ ۾ هن وقت پاڻي کي کوٽ آهي.

وڏي وزير چيو ته قومي پاڻي پاليسي 2018ع ۾ منظور ڪئي وئي ۽ ان کان پوءِ سندن مقامي مسئلن ۽ حل لاءِ پاليسي دستاويز سامهون  آڻڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي.

هن چيو ته آباديءَ ۾ مسلسل اضافي سبب پاڻي جي گهرج ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن بعد اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته پاڻي جو اثرائتو انتظام ۽ گورننس اهميت رکي ٿي.

وڏي وزير چيو ته پاڻي پاليسي جو جامع دستاويز متعارف ڪرائڻ تي کيس خوشي ٿي رهي آهي، پاڻي جي دستيابي، ورڇ ۽ معيار بابت کين جيڪي چئلينج آڏو آهن، اهي وڏا ۽آهن. هن چيو ته پاڻي پاليسي ماهرن، تعليمي ادارن، پبلڪ سيڪٽر جي تنظيمن ۽ لاڳاپيل شهرين جي اڻ ٿڪ ڪوششن جو نتيجو آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22 ° C
22 °
22 °
33 %
2.5kmh
6 %
ڇنڇر
22 °
آچر
24 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون