سنڌ سرڪار 100 ٻوڏ متاثرن کي گهرن جون چاٻيون ۽ مالڪاڻا حق ڏئي ڇڏيا

- Advertisement -
سنڌ سرڪار 100 ٻوڏ متاثرن کي گهرن جون چاٻيون ۽ مالڪاڻا حق ڏئي ڇڏيا، صوبائي وزير ناصر شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار سموري صوبي ۾ برساتي ٻوڏ متاثرن لاءِ هائوسنگ اسڪيم شروع ڪئي آهي، برساتي ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي اڏاوت رڳو سنڌ سرڪار ڪري رهي آهي، 21 لک گهرن جي نئين سر اڏاوت ڪئي پئي وڃي، 8 لک گهرن جا بئنڪ اڪائونٽ ٺهي چڪا آهن، پيپلز هائوسنگ اسڪيم مڪمل ٿيڻ سان هڪ ڪروڙ آبادي کي فائدو ٿيندو. صوبائي وزير ناصر شاهه، سنڌ حڪومت جو ترجمان ۽ سکر جو ميئر ارسلان اسلام شيخ روهڙي تعلقي جي سنڌ پيپلز هائوسنگ اسڪيم تحت ٻوڏ متاثرن لاءِ ٺهندڙ گهرن جو معائنو ڪرڻ پهچي ويا. ان موقعي تي سکر جي ڊسٽرڪٽ چيئرمين سيد ڪميل حيدر شاهه، ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو به ساڻن گڏ هو. صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ سنڌ حڪومت جو ترجمان ۽ سکر جو ميئر ارسلان اسلام شيخ يونين ڪائونسل واهه ٻرڙا ۾ هڪ سئو ٻوڏ متاثرن کي گهرن جون چاٻيون ۽ مالڪاڻي حقن  جون سندون ڏئي ڇڏيون. ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خاص هدايتن تي پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ سڄي صوبي ۾ هائوسنگ اسڪيم جي شروعات ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته ٻين صوبن ۾ به لکين متاثر ٿيا هئا پر متاثرن جي گهرن جي اڏاوت جو ڪم رڳو سنڌ سرڪار ڪري رهي آهي. صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته برساتي ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي اڏاوت رڳو سنڌ سرڪار ڪري رهي آهي، 21 لک گهرن جي نئين سر اڏاوت ڪئي پئي وڃي، 8 لک گهرن جا بئنڪ اڪائونٽ ٺهي چڪا آهن، پيپلز هائوسنگ اسڪيم مڪمل ٿيڻ سان هڪ ڪروڙ آبادي کي فائدو ٿيندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
4 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
19.9 ° C
19.9 °
19.9 °
20%
0.3m/s
0%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون