خانپور مهر: اجتماعي ڏاڍائي جو شڪار عورت کي پوليس ميڊيڪل ليٽر جاري ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
خانپور مهر ويجهو ستن جوابدارن پاران عورت سان اجتماعي زيادتي ڪرڻ بابت سنڌ ٽي وي نيوز تي خبر هلڻ بعد پوليس عورت کي ميڊيڪل ليٽر جاري ڪري اسپتال اماڻي ڇڏيو. ڳوٺ ور دڙو جي رهواسڻ عورت الزام لڳائيندي چيو ته رات شاهد ڪليري، لياقت، عابد ۽ آفتاب سميت ستن جوابدارن گهر ۾ گهري زبردستي زيادتي جو نشانو بڻايو. سندس چوڻ هو ته جوابدارن زيادتي دوران تشدد جو نشانو بڻايو جنهن سبب هوءَ بيهوش ٿي وئي. متاثر عورت چيو ته کيس زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد جوابدار جيئن گهران نڪتا ته سندس نياڻي دانهون ڪيون جنهن تي هنن فائرنگ ڪئي. هن چيو ته کوجي ڪتن ذريعي پيرا کنيا ويا جيڪي بااثر لياقت ڪليري جي گهر ۾ لڳا، پوليس هڪ به جوابدار گرفتار ناهي ڪيو. متاثر عورت آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته زيادتي ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري سزا ڏياري وڃي. سنڌ ٽي وي نيوز تي خبر هلڻ بعد پوليس عورت کي ميڊيڪل ليٽر جاري ڪري اسپتال اماڻي ڇڏيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.1 ° C
15.1 °
15.1 °
27%
1.3m/s
0%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون