سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اڄ عيد الاضحيٰ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي، سنتِ ابراهيمي تحت جانورن جي قربانيءَ جو سلسلو به جاري آهي.
عيد جي ڏهاڙي جي شروعات عيد نمازن جي اجتماعن سان ٿي ۽ ملڪي سلامتي، امن ۽ خوشحاليءَ جون دعائون گهريون ويون.
سڄي ملڪ جي هر ننڍي وڏي شهر جي مسجدن، امام بارگاهن ۽ عيد گاهن ۾ عيد نماز جا ننڍا وڏا اجتماع ٿيا.
عيد جي خطبن ۾ عالمن طرفان ملڪ سلامتي، ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ دعائون گهريون ويون، جڏهن ته فلسطينين سان به ٻڌيءَ جو اظهار ڪيو ويو.
عيد نماز کانپوءِ مسلمانن هڪٻئي کي عيد جون واڌايون ڏنيون ۽ سنتِ ابراهمي تحت جانور جي قرباني ڪئي.
عيد جي موقعي تي مسجدن، امام بارگاهن ۽ عيد گاهن جي سڪيورٽي سخت ڪئي وئي.
عيد ڏهاڙي ۾ ننڍا، وڏا، پوڙها توڙي پڪا ۽ عورتون نوان ويس پهري هڪٻئي کي عيد جون واڌايون ڏيڻ ۽ جانورن جي قرباني ڪرڻ ۾ مشغول آهن، جڏهن ته گهرن ۾ مزيدار طعام پڻ تيار ڪيا پيا وڃن