تازه ترين

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اڄ عيد الاضحيٰ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي

- Advertisement -
سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اڄ عيد الاضحيٰ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي، سنتِ ابراهيمي تحت جانورن جي قربانيءَ جو سلسلو به جاري آهي. عيد جي ڏهاڙي جي شروعات عيد نمازن جي اجتماعن سان ٿي ۽ ملڪي سلامتي، امن ۽ خوشحاليءَ جون دعائون گهريون ويون. سڄي ملڪ جي هر ننڍي وڏي شهر جي مسجدن، امام بارگاهن ۽ عيد گاهن ۾ عيد نماز جا ننڍا وڏا اجتماع ٿيا. عيد جي خطبن ۾ عالمن طرفان ملڪ سلامتي، ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ دعائون گهريون ويون، جڏهن ته فلسطينين سان به ٻڌيءَ جو اظهار ڪيو ويو. عيد نماز کانپوءِ مسلمانن هڪٻئي کي عيد جون واڌايون ڏنيون ۽ سنتِ ابراهمي تحت جانور جي قرباني ڪئي. عيد جي موقعي تي مسجدن، امام بارگاهن ۽ عيد گاهن جي سڪيورٽي سخت ڪئي وئي. عيد ڏهاڙي ۾ ننڍا، وڏا، پوڙها توڙي پڪا ۽ عورتون نوان ويس پهري هڪٻئي کي عيد جون واڌايون ڏيڻ ۽  جانورن جي قرباني ڪرڻ ۾ مشغول آهن، جڏهن ته گهرن ۾ مزيدار طعام پڻ تيار ڪيا پيا وڃن
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
28.2 ° C
28.2 °
28.2 °
34 %
4.7kmh
16 %
ڇنڇر
28 °
آچر
30 °
سُومر
29 °
اڱارو
30 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون