سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل جاري

- Advertisement -
سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي. چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل بنا ڪنهن وقفي جي شام پنجين وڳي تائين جاري رهندو. اسلام آباد، ڪراچي، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا ۾ پولنگ جو عمل شروع ٿي ويو آهي. 12 ڪروڙ 85 لک کان وڌيڪ ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري  رهيا آهن. پولنگ اسٽيشنن تي سيڪيورٽي جا خاص انتظام ڪيا ويا آهن، امن امان لاءِ پوليس، رينجرز ۽ پاڪ فوج جا جوان مقرر ڪيا ويا آهن. قومي اسيمبلي جي 5 هزار 254 سيٽن ۽ صوبائي اسيمبلين جي 596 سيٽن تي اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن. حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير ۽ ميرپور خاص ۾ پولنگ عمل شروع ٿي ويو آهي. ان کانسواءِ ڄامشورو، دادو، ٽنڊو محمد خان، بدين، ٺٽو، سجاول، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ٽنڊو الهيار، مٽياري، سانگھڙ، نوشهرو فيروز ۽  خيرپور ۾ پولنگ جو عمل جاري آهي. گھوٽڪي، شڪارپور، ڪشمور ڪنڌڪوٽ،  جيڪب آباد، قمبر شهداد ڪوٽ ۽  ٽندو الهيار ۾ صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي تڪن تي پولنگ جو عمل جاري آهي. بدين جي ضلعي ڪائونسل آفيس ۾ قائم پولنگ اسٽيشن  ۾ عملي کي داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني وئي. پولنگ اسٽيشن 36 ۽ 122 جو عملو سامان سميت عمارت کان ٻاهر بيٺل آهي. پرزائيڊنگ آفيسر جو چوڻ آهي ته ڊي آر او ۽ آر او کي اطلاع ڏنو آهي، پر ڪو به تدارڪ ناهي ٿيو. پولنگ اسٽيشن 36 ۽ 122 تي پولنگ جو عمل شروع نه ٿيڻ خلاف ووٽرز پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. تنگواڻي هاءِ اسڪول ۾ قائم پولنگ اسٽيشن ۾ عملي ۽ سهولتن جي کوٽ سبب پولنگ جو عمل شروع نه ٿي سگھيو آهي. سڄي ملڪ ۾ 90 هزار 675 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن، جن مان 16 هزار 766 پولنگ اسٽيشنن کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي. پنجاب ۾ پنج هزار 624، سنڌ ۾ چار هزار 430، ڪي پي ۾ 4 هزار 265 ۽ بلوچستان جي هڪ هزار 47 پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي. پاڪ فوج ۽ سول آرمڊ فورسز جا گڏيل طور تي هڪ لک، 30 هزار 882 اهلڪار اليڪشن ڊيوٽي تي مقرر ڪيا ويا آهن. ووٽ ڏيڻ لاءِ  اصل سڃاڻپ ڪارڊ لازمي قرار ڏنو ويو آهي ان سان گڏ مدو ختم ٿيل سڃاڻپ ڪارڊ تي به ووٽ ڏئي سگھبو. ن ليگ ۽ پ پ سميت سياسي پارٽين کانسواءِ پهريون ڀيرو وڏي انگ ۾ آزاد اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن. حڪومت پاران سڄي ملڪ ۾ موبائل فون سروس عارضي طور معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، انٽرنيٽ سروس به متاثر آهي. گھرو وزارت جو چوڻ آهي ته دهشتگردي جي تازن واقعن جي نتيجي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيون، امن امان قائم رکڻ ۽امڪاني خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ حفاظتي قدم کڻڻ ضروري آهي. ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، راولپنڊي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ موبائل سروس متاثر ٿي وئي. ترجمان اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته انٽرنيٽ هلي يا نه، پر اليڪشن مينيجميٽ سسٽم ڪم ڪندو رهندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.1 ° C
15.1 °
15.1 °
27%
1.3m/s
0%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون