مختلف سياسي اڳواڻن ۽ اهم شخصيتن پاران ووٽ ڪاسٽ ڪيا پيا وڃن

- Advertisement -
سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل جاري  آهي. صدر عارف علوي ڪراچي ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف لاهور جي تڪ اين اي جي پولنگ اسٽيشن 82 تي پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو. شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري نوابشاهه ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه سيوهڻ ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرايو. جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ڊيرا اسماعيل خان ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي اين اي 46 تي ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو. اڳوڻي وفاقي وزير خورشيد شاهه سکر ۽ پ پ اڳواڻ نثار کهڙو لاڙڪاڻي ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني ڪراچي جي  چنيسر ڳوٺ ۽ جيڪب آباد جي تڪ اين اي 190 تي پ پ اميدوار مير اعجاز جکراڻي ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو. بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس نعيم اختر افغان پنهنجي گهر واري  سميت ڪوئيٽا ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو. اسلام آباد جي تڪ اين اي 47 ۽ 48 تي بيٺل آزاد اميدوار مصطفيٰ نواز کوکر به پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.5 ° C
12.5 °
12.5 °
32%
2.1m/s
1%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
22 °
ڇنڇر
22 °
آچر
21 °

تازه ترين خبرون