سنڌ جي مختلف شهرن ۾ 9 مئي سانحي خلاف ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري تقريبون ڪوٺايون پيون وڃن.
ڪراچيءَ ۾ 9 مئي سانحي خلاف ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪول اينڊ ڪاليج ايجوڪيشن، روز ايجوڪيشنل سوسائٽي پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
لاڙڪاڻي ۾ مختلف سماجي تنظيمن، سول سوسائٽي ۽ ڊي اي او پرائمري پاران 9 مئي سانحي خلاف ۽ پاڪ فوج سان ٻڌي جي اظهار طور انيس الرحمان، ارشاد علي ڪمالاڻي، سيد گدا حسين شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي.
ميرپورخاص ۾ 9 مئي واقعن ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري، پاڪ فوج ۽ ملڪ جي سلامتي لاءِ نديم کهاوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي.
خيرپور ۾ پاڪستان واپڊا ۽ هائڊرو يونين پاران 9 مئي سانحي خلاف ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ لالا نزاڪت پٺاڻ، سليم ڦلپوٽي، فراز حسين ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سيپڪو آفيس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
ٺٽي ۾ پرائمري اسڪول پير محمد بروهي ۽ ٻين اسڪولن جي استادن ۽ شاگردن سميت مختلف سياسي سماجي ڌرين پاران ريليون ڪيون ويون.
سجاول ۾ 9 مئي جي واقعن خلاف ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ مختلف ڌرين پاران ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون.
ڪشمور ۾ قومي امن ڪميٽي پاران 9 مئي سانحي خلاف ۽ پاڪ فوج جي حمايت ميان عبدالحسين قادري، امان الله چنا، ٽيپو خان رند ۽ ٻين نادرا چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.
قمبر ۾ پاڪستان زنده باد موومينٽ ۽ شيعا علماءَ ڪائونسل پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ نورالدين قريشي، خالد معرفاڻي، منٺار گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ جناح باغ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي پاڪستان زنده باد، پاڪ فوج زنده باد جا نعرا هنيا ويا.
شهدادڪوٽ ۾ 9 مئي سانحي خلاف ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ مختيارڪار عنايت الله جمالي، اشفاق ڪنبوهه، غلام مرتضيٰ وڌو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس کان ريلي ڪڍي وئي.
مٺي ۾ 9 مئي واقعن خلاف اسپيشل ايجوڪيشن جي شاگردن ۽ استادن پاران عبدالرحمان بجير جي اڳواڻيءَ ۾ ڪشمير چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
اوٻاوڙي ۾ 9 مئي واقعن خلاف ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ گورنمنٽ بوائر هاءِ اسڪول ۽ پرائمري اسڪول مدينه العلوم سميت سرڪاري توڙي خانگي اسڪول جي استادن ۽ شاگردن پاران ڌار ڌار ريليون ڪڍي پاڪ فوج زنده جا نعرا هنيا ويا.
ڏوڪري ۾ پاڪ فوج جي حمايت ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر فرزانه ميراڻي، تعلقي ايجوڪيشن آفيس ارشاد احمد ٻگهيو، اسسٽنٽ مختيارڪار قاضي بشير ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ اسڪولي ٻارن توڙي استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ٽنڊگي باگي ۾ 9 مئي سانحي خلاف ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ ٽي اي او سيڪنڊري فيض اڍيجو، شفيعمحمد قمبراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پرائمري اسڪول جي مک گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ساماري ۾ 9 مئي سانحي خلاف پ ٽ الف ڊويزل جنرل سيڪريٽري عبدالقيوم آرائين ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پاڪ فوج جي حمايت ۾ نعرا هنيا ويا.
ڪنري ۾ 9 مئي سانحي خلاف ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ گورنمينٽ فضل عمر هاءِ اسڪول ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ استادن ۽ شاگردن هٿن ۾ قومي جهنڊا توڙي پينافليڪس کڻي پاڪ فوج زنده باد جا نعرا هڻي ٺهراءَ منظور ڪيو.
وارهه ۾ 9 مئي سانحي خلاف اسسٽنٽ ڪمشنر سرمد مهر، عبدالحفيظ ٻگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ مختيارڪار آفيس کان فاضل راهو چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي.
رتيديري ۾ 9 مئي جي واقعن خلاف گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج جي پرنسپال شمس الدين ساريو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
روهڙي ۾ 9 مئي جي واقعن خلاف ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ هاءِ اسڪول کان تعلقي اسپتال تائين ريلي ڪڍي وئي.
ٽنڊي غلام حيدر ۾ 9 مئي جي واقعن خلاف بوائز پرائمري اسڪول جي استادن ۽ شاگردن پاران اسڪول کان ڪالوني اسٽاپ تائين ريلي ڪڍي وئي.
دولتپور صفن ۾ قومي امن ڪميٽي پاران 9 مئي واقعن خلاف پير علي شاهه راشدي، رسول بخش رند ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ شاهي بازار کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي پاڪ فوج جي حمايت ۾ نعرا هنيا ويا.
ماتلي ۾ 9 مئي جي واقعن خلاف ۽ پاڪ فوج جي حق ۾ ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين حاجي رضوان احمد قائمخاني جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي.
محراب پور ۾ 9 مئي جي واقعن خلاف ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ مختلف سياسي سماجي ۽ مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن پاران احتجاجي رلي ڪڍي وئي.
اڳواڻن جو چوڻ آهي ته تاريخ 9 مئي سانحي کي ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهي، گذريل سال رٿابندي تحت شهيدن جي يادگار، قائداعظم جي گهر، سرڪاري ملڪيتن ۽ ٻين هنڌن کي نقصان پهچايو ويو.
هنن چيو ته پاڪ فوج هميشه قربانيون ڏئي ملڪ کي مضبوط ڪيو آهي، عوام پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.
اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته 9 مئي سانحي ۾ ملوث ڪردارن کي عبرت جو نشانو بڻايو وڃي.