تازه ترين

سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا 12 سيپٽمبر تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي

سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا 12 سيپٽمبر تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي .

گرفتاري جي ڊپ کان اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي .

عدالت ۾ درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪندي چيو ته نيب پاران 26 آگسٽ تي اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار جي گھر تي ڇاپو ھنيو.

جسٽس ڪي ڪي آغا وڪيل کان وڇاڻو ڪيو ته مڪيش ڪمار جو نالو ڪھڙي انڪوائري ۾ شامل آھي؟

مڪيش ڪمار جي وڪيل منير اي ملڪ چيو ته في الحال نيب مڪيش ڪمار چاولا کي نوٽيس جاري ناھي ڪيو، ايڪسائيز کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري ۽ پرائيويٽ سيڪريٽري کي نوٽيسز جاري ڪري ان ۾ مڪيش ڪمار جو نالو شامل ڪيو آھي.

وڪيل چيو ته خدشو آهي ته نيب پاران مڪيش ڪمار چاولا کي گرفتار ڪيو ويندو، مڪيش ڪمار چاولا گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

عدالت نيب کي گرفتاري روڪيندي اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار جي 12 سيپٽمبر تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪئي.

عدالت مڪيش ڪمار چاولا کي نيب جي انڪوائري ۾ مڪمل سهڪار ڪرڻ کي ھدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالت نيب اختيارين کي ايندڙ ٻڌڻي تي مڪيش ڪمار چاولا خلاف ھلندڙ انڪوائري جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا نيب انڪوائري واري معاملي تي صحافين کي موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,172FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
12 %
0.6kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون