سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي ملازمن کي پڪو نه ڪرڻ خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 5 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي 32 ملازمن طرفان پڪو نه ڪرڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ وڪيل معرفت داخل ڪرايل توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
جسٽس ذوالفقار احمد خان ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ڊويزن بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
وڪيل نياز خاصخيلي دليل ڏيندي چيو ته خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي 32 ملازمن کي سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪري نوڪرين تي پڪو ڪرڻ لاءِ 8 آگسٽ 2023ع تي عدالت سڳوري آرڊر پاس ڪيو هو.
هن چيو ته عدالتي حڪم باوجود ميڊيڪل ڪاليج انتظاميا ملازمن کي پڪو ناهي ڪيو، جنهن ڪري متاثرن جو مستقبل داءَ تي لڳل آهي.
عدالت سيڪريٽري صحت ۽ پرنسپال کان پڇاڻو ڪيو، جن عدالت کان مهلت جي استدعا ڪئي، جنهن کانپوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 5 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.