تازه ترين

پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي 63 اي تشريح جي معاملي تي نئين بينچ جوڙي ڇڏي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي 63 اي تشريح جي معاملي تي نئين بينچ جوڙي ڇڏي، جسٽس منيب اختر جي جاءِ تي جسٽس نعيم اختر افغان پنجين ميمبر طور بئنچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽي جي ٽئين ميمبر ۽ سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه اڄ به شرڪت نه ڪئي.

ٻئي طرف ججز ڪميٽي 63 اي جي تشريح واري معاملي تي نئين بينچ جوڙي ڇڏي آهي، جنهن ۾ جسٽس منيب اختر جي جاءِ تي 5 رڪني بينچ ۾ جسٽس نعيم اختر افغان کي شامل ڪيو ويو آهي.

63 اي جي تشريح جي معاملي تي جوڙيل نئين بئنچ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال مندو خيل، جسٽس نعيم اختر افغان ۽ مظهر عالم خان شامل آهن.

ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ان موقعي تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جسٽس منصور علي شاهه جو نالو تجويز ڪيو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
34 %
1kmh
0 %
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون