تازه ترين

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد  ڪارونجھر جي ڪٽائي روڪڻ ۽ ليز  بابت اسٽي برقرار

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد  ڪارونجھر جي ڪٽائي روڪڻ ۽ ليز  بابت اسٽي   30 آگسٽ تائين برقرار رکي ڇڏيو.

وڪيل شنڪر ميگھواڙ جي درخواست تي جسٽس شفيع صديقي ۽ جسٽس ارشد حسين خان تي ٻڌل ڊويزنل بئنچ ٻڌڻي ڪئي.

ثقافت، منرل اينڊ مائنز ۽ وائلڊ لائف کاتي جي عملدارن عدالت ۾  جواب جمع ڪرايو.

عدالت لاڳاپيل عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته ڪارونجھر ايڏو خوبصورت جبل آھي، ان جي ڪٽائي لاءِ اوھان نوٽيفڪيشن ڇو ڪڍيو آھي؟

سرڪاري وڪيل جواب ۾ چيو ته نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويو آهي.

عدالت چيو ته مستقل طور تي ڪارونجهر جي ڪٽائي بند ٿئي ۽ ھيريٽيج ۾ ڊڪليئر ٿيڻ گھرجي.

ثقافت کاتي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ننگرپارڪر جون 9 سائيڊون ھيريٽيج طور ڊڪليئر ڪري چڪا آھين.

عدالت ڪارونجھر جي ڪٽائي بابت جاري ڪيل اسٽي برقرار رکندي ٻڌڻي 30 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,170FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
18 %
2.2kmh
0 %
ڇنڇر
23 °
آچر
27 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون