تازه ترين

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد، سنڌ جي تاريخي ورثي ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي ۽ ليز خلاف اسٽي آرڊر برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد، سنڌ جي تاريخي ورثي ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي ۽ ليز خلاف اسٽي آرڊر برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سنڌ هاءِڪورٽ سڪرٽ بينچ حيدرآباد  ۾ ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

جسٽس محمود اي خان ۽ جسٽس ذولفقار علي سانگي تي ٻڌل بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

معدنيات کاتي جي عملدار پاران عدالت ۾ جواب جمع ڪرايو ويو، ثقافت کاتي جو ڪو به نمائندو عدالت ۾ پيش نه ٿيو.

معدنيات کاتي جي عملدار عدالت کي ٻڌايو ته مائنز اينڊ منرلز رولز 2023ع تحت اڳواٽ ئي پابندي لاڳو آهي، انهن علائقن ۾  ڪٽنگ يا مائننگ نٿي ڪري سگهيجي.

عدالت  22 آگسٽ تائين   ثقافت ۽ جهنگلي جيوت کاتي کان جواب طلب ڪري ورتو. سنڌ هائيڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ بئنچ 22 آگسٽ تائين ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي ۽ ليز کان روڪيندي ٻڌڻي ملتو ي ڪري  ڇڏي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,160FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.3 ° C
26.3 °
26.3 °
27 %
2.4kmh
37 %
اڱارو
26 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون